بدين واسين جو بااثر جي ظلم خلاف احتجاج

بدين ( ڊ ر) بدين جي وارڊ نمبر 5 جي سانگاڻي محلا جي رھواسين نثارلنڊ مسمات گڏي لنڊ مسمات حاجران لنڊ ۽ ٻين پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي يوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ صحافين اڳيان دانھيندي چيوآهي ته سندن پاڙي ۾ ويٺل وڏيرو عبدالرحيم لنڊ اسماعيل لنڊ ڪريم بخش لنڊ ذوالفقار لنڊ پاران سندن پٽ تي موبائيل چوري جو الزام ھڻي کين بدين پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو، جتان پ  پ  اڳواڻ محمد اسلم راھو جي مداخلت تي کين آزاد ڪيو ويو هو، جڏھن ته صبح جو سوير بااثر وڏيري ۽ سندس پٽن اسان جي گهرن تي پنهنجي ساٿين سميت حملو ڪري اسان جي عورتن ۽ اسان کي مارڪٽ ڪئي ۽  سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي، جنهن ڪري اسان جون عورتون پڻ سخت زخمي ٿي پيون آهن ۽ سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن، جن کي پوليس کان  ليٽر وٺي انڊس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويندو، ھنن  چيو ته بااثر وڏيري پاران اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ  ۽ اسان کي لڏي وڃڻ لاءِ اسان تي ڪو نه ڪو الزام ھڻي اسان تي تشدد ڪيو وڃي ۽ پوليس ھٿان اسان کي گرفتار ڪرايو وڃي ٿو ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري ۽ سندس پٽن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.