نواب شاهه ۾ عيد خرچي نه ڏيڻ تي اهلڪارن جو پورهيت تشدد

نوابشاهه(ڊ ر) لاڪ ڊائون جي ڪري پيٽ جي بک جي باهه اجهائڻ لاءِ پورهيت جمشيد ڪالوني جو رھواسي محمد عمران سيال کي ڪينچي پل وٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي سپاھي سو روپيا نه ڏيڻ تان تشدد جو نشانو بڻايو، ان سلسلي ۾ پورھيت محمد عمران سيال ميڊيا کي ٻڌايو ته مون اڳ ۾ ان پوليس واري کي پئسا ڏنا هئا ۽ اڄ پئسا نه هجڻ تي کيس منٿون ڪيون ته اڄ مون وٽ پئسا نه آهن ته هن مونکي لٺين سان تشدد جو نشانو بڻايو جنهن تان پريس ڪلب پهچي پنهنجي پاڻ کي باهه ڏيان ٿو. جنهن بعد هن پنهنجي مٿان پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن نوابشاهه پريس ڪلب جي صحافين کيس بچائي ورتو ۽ اي سيڪشن پوليس فوري طور تي پهچي ان کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي، نوابشاهه جي ساڃاهه وند ماڻهن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي اپيل ڪئي آهي ته اهڙين ڪارين رڍن کي پوليس کاتي مان نيڪالي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.