ڊرٻ ميهر شاهه واسي نوجوان جيري جي پيوندڪار سبب آسلام آباد ۾لاڏاڻو ڪري ويو

ڊرٻ ميھر شاھ (رپورٽ : محمد علي اڄڻ ) ڊرٻ ميھر شاھ جي او جي ڊي سي جي ملازم ڪريم بخش اڄڻ جو نوجوان پٽ ساقي رياض احمد اڄڻ  جيري جي پيوندڪاري سبب سبب اسلام آباد جي الشفاءِ اسپتال ۾ ھڪ ھفتو اڳ جيري جي پيوندڪاري جو آپريشن ڪيو ويو هو، جيڪو گذريل ڏينهن طبيعت خراب ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي مڙھ کي ڊرٻ ميھر شاھ آندو ويو،سندس جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن صحافين سميت سوين اڄڻ برادري جي ماڻهن پير سيد گل احمد شاھ جيلاني ميان محمد يوسف، يوسي چيئرمين علي شير اڄڻ ،ڪامريڊ حفيظ اڄڻ، پريس ڪلب صدر محمود احمد اڄڻ، سماجي اڳواڻ معمر قذافي شيخ، اسد الله اڄڻ صحافي محمد علي اڄڻ، شھزادو اڄڻ، استاد شھباز اڄڻ ،شمس الدين شيخ سميت سوين اڄڻ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان سخي شاھ نظام ۾سوين آلين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.