جمال شاهه جي ڳوٺاڻي جو بااثر جي ڏاڍ خلاف احتجاج

جمال شاھ (ن ع آ)پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماکنڊ جي رهواسين غلام قمبر ڏاھري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته بااثر غازي عرف غاغو ڏاھري ڪجھ ڏينھن پهريان اسان جي ڀاءُ گل محمد ڏاهري تي حملو ڪري کيس پسٽل جا بٽ ۽ لوهي سيخ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنھن جي اين سي رپورٽ پبجو ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس جوابدار خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري، هنن الزام هڻندي چيو ته غازي ڏاھري جيڪو منشيات جو وڏو ڊيلر پڻ آهي، جنھن سبب ڳوٺ جي ڪيترن ئي نوجوانن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي، منشيات جي فروخت کان روڪڻ تي اسان کي روزانو هٿياربند ساڻ ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته گل محمد ڏاهري تي حملو ڪندڙ غازي ڏاھري کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ملڪ ڏکين حالتن ۾ آھي، ذميواري وارو ڪردارادا ڪرڻ گهرجي: سليمان جي ابڙو

شھدادپور ن ع آ )ملڪ ڏکين حالتن ۾ آھي اسان کي ذميواري وارو ڪردارادا ڪرڻ گهرجي احتياط۽ سماجي دوري سان ڏور رس نتيجا سامهون ايندا حڪومت عوام جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا پئي ڪري اھڙو اظھار سافڪو جي چيف ايگزيڪيٽو ايڊوڪيٽ سليمان جي ابڙو بابلي هائوس تي شھرجي  معززين واپارين وڪيلن صحافين سان ڪيون هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا وبا سان جيڪي حالتون پيدا ٿيون ان تي ڏک آھي اسان کي ذميواري واروڪردار ڪري پنهنجي ماڻهن جي جانين کي بچائڻ گهرجي هن چيو ته سماجي فاصلا رکڻ سان اسان هن بيماري کان بچي سگهون ٿان ان سڀني کي پنهنجي اخلاقي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته هڪ طرف ڪرونا وبا ته ٻئي طرف ماڪڙ جي ملڪ ۾ يلغار حڪومتترت ماڪڙ مار اسپري ڪرائي جئين آبادگارن جا پوکيل فصل بچي سگهن .

شھدادپور ۾ ايڪسپائر شيون وڪرو انتظاميا اک نه پٽي

شھدادپور  ن ع آ شھدادپور ۾ ايڪسپائر شيون وڪرو انتظاميا اک نه پٽي سوائي روڊ جي پاڪستان بيڪري تان وڪرو ٿيندڙ شيون شھرين ميڊياآڏو انديون شھرين ٻڌايو بيڪري وارا ڃاڻي واڻي شيون ٻارن کي ڏين ٿا جنهن ڪري ٻارن کي الٽيون بخار ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون بيڪري مالڪ جي چوڻ موجب ته تونهان اھي شيون موٽائي ٻيون شيون کڻي وڃو سوائي روڊ جي ڪائونسلر ٻڌايو ته 2013جو ايڪسپائر بسڪيٽ بيڪري وارن اسان جي ننڍڙن ٻارن کي ڏنوآھي جيڪو مون سنڀالي رکيو آھي هن اختيارين جوڌيان هن طرف ڇڪايو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.