خانپور مهر لڳ گهر تي ڪاهه، عورت ۽ مرد زخمي، بااثر احتجاجي مظاهرو

خانپور مهر ( رپورٽ: امجد لغاري ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لعل پتافي جي رهواسين زخمي مجيد پتافي، ملوڪ پتافي، مسمات شھزادي پتافي، مسمات اربيلي پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ جي بااثر ماڻهن جي مبينا ڏاڍ مڙسي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي ته  مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام مڙهيو ته اسين پنهنجي ڳوٺ ۾ قديمي ويٺل آهيون، پر جوابدار مکڻو پتافي، علي گل پتافي، مدو پتافي ۽ ٻيا اسان کي  ڳوٺ مان حراسان ڪري لاڏائڻ چاھين ٿا، ھنن چيو ته اصل معاملو اسان جي گهرن اڳيان 10ويسا زمين  آهي، جنهن تي بااثر قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري جوابدارن اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، هنن وڌيڪ الزام هنيو ته ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گھرن ۾ گهري پيرسن عورت مسمات اربيلي پتافي ۽ سندس ڀاءُ مجيد پتافي کي لٺين سان سخت زخمي ڪري ويا آھن، جڏهن ته ھوڏانھن خانپورمھر پوليس کي  اسان ھڪ مک جوابدار مکڻو پتافي سوگھو ڪري حوالي ڪيو سين  الٽو بااثر  مااڻھن جي چوڻ تي رشوت وٺي جوابدار کي ڇڏي ڏنو آھي، هنن وڌيڪ  چيو ته اسين مسڪين آهيون، بااثر اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان جي زندگي کي خطرو آهي،ڳوٺاڻن آءِجي سنڌ، ڊي آءِجي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.