عيد ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ويندڙن جي ٽرانسپورٽرن کل لاهي ڇڏي، ڀاڙن 5 سئو سيڪڙو واڌ

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) ڪورونا سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ تي لڳايل پابندي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي باوجود عام مسافرن کي فائدو نه ڏنو، عيد وارن ڏينهن ۾ حيدرآباد کان سڄي سنڌ جي مختلف روٽن تي هلايل سوزوڪين، ڪيري گاڏين ۽ ٽيڪسي ڪارن وارن ڪراين ۾ واڌ ڪري ماڻهن جي کل لاهي ڇڏي، ڪراين ۾ 500 سيڪڙو واڌ ڪري مسڪين مسافرن کي سخت پريشان ڪيو ويو. حيدرآباد ۽ ڄامشورو کان دادو، ميهڙ، لاڙڪاڻي، حيدرآباد کان بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ، نوابشاهه، هالا، ٺٽو، سجاول، ٽنڊومحمد خان ۽ سکر ڏانهن مسافر کڻي ويندڙ گاڏين وارن عيد جي موقعي جو خوب فائدو حاصل ڪيو، پوليس جي مدد سان هلندڙ گاڏين وارن کان پوليس عملدار ڀتو وٺي مڪمل طور تي خاموش رهيا، ڄامشورو کان ميهڙ تائين ٽيڪسي ڪار هڪ مسافرن کان 1500 روپيا ڪرايو وصول ڪيو، جڏهن ته حيدرآباد کان بدين 500 کان 700، حيدرآباد کان ميرپورخاص 500 روپيا، حيدرآباد کان سانگهڙ 500 کان 700، حيدرآباد کان نوابشاهه 500 کان 700 روپيا ڪرايو وصول ڪيو ويو، ايڏي وڏي ڪرائي وٺڻ جي باوجود ٽرانسپورٽن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ۽ حيدرآباد کان پنهنجن پيارن سان گڏ عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهن جي رڙين ۽ دانهن جي باوجود ان جو ٽرانسپورٽ جي وزارت کان ويندي لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ انتظاميا سميت ڪنهن به اختياري نوٽيس نه ورتو، جنهن ڪري ڪارن، ڪيري گاڏين، سوزوڪين ۽ رڪشائن وارا مسافرن کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا رهيا، هڪ ته ڪورونا سبب بند ٿيل روزگار ڪري اهي ماڻهو جيڪي ٻهراڙين کان شهرن ۾ پنهنجن ٻچن جي لاءِ ڪمائڻ لاءِ ترسيل هوندا آهن، اهي سخت پريشان ٿيندا رهيا آهن ته ٻيو وري انهن کي ڪراين جي وڌاري به سخت مشڪلاتن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. لڳ ڀڳ اڍائي مهينن کان وٺي سڄي سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ تي پابندي لڳايل آهي، پر ان سڄي عرصي دوران ٽيڪسي ڪار، سوزوڪي ۽ رڪشا هلندا رهيا آهن، جيڪي ماڻهن کي کڻي هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي پهچائيندا رهيا آهن، پيٽرول جون قيمتون گهٽجڻ کان اڳ ڪراين ۾ واڌ واري ڳالهه ته سمجهه ۾ پئي آئي، پر هاڻي جڏهن ٻن مهينن دوران 30 روپيا في ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مثالي گهٽائي آئي آهي، ته ان جي باوجود به ٽيڪسي ڪار وارن ڪراين ۾ لاٿ ناهي ڪئي ۽ اهي عيد جي موقعي جو فائدو وٺندي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا رهيا آهن. حيدرآباد کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن جي اپيل آهي ته ٽرانسپورٽرن جي اهڙي ظالماڻي عمل جو فوري طور تي نوٽيس وٺي مناسب ڪراين وٺڻ واري عمل کي يقيني بنايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.