جهاز حادثي جي اصل ذميوارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايئر لائن پائلٽس ايسوسيئيشن (پالپا) چيو آهي ته جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رُخ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پالپا ترجمان موجب اسان جا خدشا درست ثابت ٿي رهيا آهن ۽ انتظاميا واقعي جي شفاف جاچ جي حق ۾ ناهي، جاچ کي غلط رُخ ڏئي اصل ذميوارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ترجمان جو چوڻ هو ته انتظاميا کي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي ۽ نه مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام جو خيال آهي، ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول بابت اسان جي ڪميونٽي وٽ ڪيترائي سوال آهن پر اسان جاچ تي اثرانداز نٿا ٿيڻ چاهيون، انجڻ رن وي تي رهڙجڻ جو اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ ۽ ايمرجنسي لينڊنگ لاءِ ڊگهو روٽ ڏيڻ ڳڻتي جوڳو آهي، جنهن جي جاچ لازمي آهي.

پالپا ترجمان موجب هن ڏکئي وقت ۾ پنڊورا باڪس نٿا کولڻ چاهيون، حادثي جي پهرين ۽ ٻي لينڊنگ جا تفصيل گڏائي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، شهيد پائلٽ جي پيءُ کان ڪيل جاچ ليڪ نه ڪرڻ جي واعدي تي عمل يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.