ايئر ٽريفڪ ۽ اپروچ ڪنٽرولرز جهاز حادثي جو ذميوار ڪپتان کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايئر ٽريفڪ ۽ اپروچ ڪنٽرولرز چيو آهي ته حادثي جو شڪار جهاز جي ڪپتان اسان جي هدايتن کي نظرانداز ڪيو، جيڪو حادثي جو سبب بڻيو.

پي آءِ اي جهاز حادثي جي حوالي سان ملڪي جاچ ٽيم (ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ اينڊ انويسٽيگيشن بورڊ) ايئر ٽريفڪ ۽ اپروچ ڪنٽرولرز کي جاچ ۾ شامل ڪندي کانئن جواب طلب ڪيا هئا.

ايئر ٽريفڪ ۽ اپروچ ڪنٽرولرز تحريري جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته جهاز جي ڪپتان هدايتن کي نظرانداز ڪيو، جنهن سبب حادثو پيش آيو.

ٻنهي ڪنٽرولرز طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪپتان لينڊنگ کان 10 ناٽيڪل مائيل ميل تي ڏنل هدايت کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو، ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ کان اڳ جهاز جي اوچائي 1800 فٽ هجڻ گهرجي ها پر ڪپتان هن وقت جهاز کي 3000 فٽ اوچائي تي اڏائي رهيو هو، گهڙي گهڙي هدايتن تي به ڪپتان چيو ته هو لينڊنگ کان اڳ اوچائي ۽ اسپيڊ کي ڪنٽرول ڪري وٺندو پر ائين نه ٿيو.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪپتان لينڊنگ وقت اوچائي ۽ اسپيڊ ڪنٽرول ڪندي گيئر کولڻ وساري ويٺو، ڪپتان پهريون ڀيرو لينڊنگ گيئر کولڻ کانسواءِ جهاز لينڊ ڪرائي ڇڏيو، جنهن سبب ٻئي انجڻيون رن وي سان ٽڪرائجي ويون ۽ 3 ڀيرا رن وي تي رَهڙيون، جنهن جي نتيجي ۾ چڻنگون اُٿيون ۽ ڪپتان جهاز کي ٻيهر ٽيڪ آف ڪرائي ڇڏيو.

ايئر ٽريفڪ ۽ اپروچ ڪنٽرولرز موجب ڪپتان ٻيهر لينڊنگ وقت ٻڌايو ته جهاز جون انجڻيون ڪم ڪرڻ ڇڏيون ويون آهن پر هن ايمرجنسي لينڊنگ جو نه ٻڌايو ۽ چيو ته هو پرسڪون آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.