”ڀارتي فوجي سربراهه جو بيان نيپال جي توهين آهي“

 

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال جي بچاءَ واري وزير ايشور پوکريال ڀارتي فوجي سربراهه جي بيان کي نيپال جي توهين قرار ڏئي ڇڏيو.

ايشور پوکريال موجب اهڙي قسم جا بيان نيپالي تاريخ کي نظرانداز ڪري ئي ڏئي سگهجن ٿا.

ياد رهي ته گذريل هفتي ڀارتي فوجي سربراهه جنرل منوج مڪند نارواني چيو هو ته نئين رستي جي تعمير جي حوالي سان نيپال ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي اعتراض ڪري رهيو آهي.

ڀارتي فوجي سربراهه جو اشارو واضح طور تي چين ڏانهن هو.

نيپال جو چوڻ آهي ته اهڙو بيان نيپالي خودمختياري تي سوال اٿارڻ جي برابر آهي.

واضح رهي ته اڄڪلهه ڀارت ۽ نيپال وچ ۾ سرحدي تڪرار جي حوالي سان لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.