افغان حڪومت جو وڌيڪ 900 طالبان قيدي رها ڪرڻ جو اعلان

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت وڌيڪ 900 طالبان قيدي رها ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

طالبان عيد جي موقعي تي 3 ڏينهن جنگبنديءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان فائربندي جو وقت اڱاري جي رات ختم ٿي ويندو پر افغان حڪومت جو چوڻ آهي ته اها جنگبنديءَ ۾ واڌ لاءِ تيار آهي.

افغان حڪومت وڌيڪ 900 طالبان قيدي رها ڪرڻ جي اعلان سان گڏوگڏ طالبان کي وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ فائربندي جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.