سعودي عرب به لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لاڳو لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ جاري ڪرفيو 21 جون تي ختم ڪري سگهجي ٿو پر مسلمانن لاءِ مقدس ترين هنڌ مڪي شريف ۾ اهو ڪرفيو جاري رهندو.

سعودي عرب جي بيان موجب 31 مئي کان اندروني سفر، مسجدن ۾ نماز ۽ ڪم وارن هنڌن تي حاضري جهڙن معاملن تان لاڳو پابنديون کنيون وينديون.

سعودي حڪومت جو چوڻ آهي ته مڪي شريف ۾ ڪرفيو شام 3 کان صبح 6 وڳي تائين جاري رهندو پر 21 جون کان ان شهر ۾ مسجدن ۾ نماز جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.