ڪراچي جهاز حادثو: فوتين جا وارث وڙهي بنا سڃاڻپ جي زوري 36 لاش کڻي ويا: فيصل ايڌي جي دعويٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سماجي ڪارڪن مرحوم عبدالستار ايڌي جي پٽ ۽ ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي دعويٰ ڪئي آهي ته قومي ايئر لائن جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿيلن جا وارث سڃاڻپ کان سواءِ ئي لاش زوري پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا آهن.

فيصل ايڌي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته وارثن وٽ ڪو قانوني دستاويز به ناهي.

هن ٻڌايو ته فوت ٿين جي وارثن هنگامو ڪيو ۽ سڃاڻپ کان سواءِ 36 لاش پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ڄاڻايل معاملي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.

ان ڏس ۾ بي بي سي واضح ڪيو ته هو هن وقت تائين آزاد ذريعن کان فيصل ايڌي جي موقف جي تصديق ناهي ڪري سگهيو.

مرتضيٰ وهاب:

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ايڌي سينٽر مان لاش زوري کڻي وڃڻ واري واقعي تي چيو ته فيصل ايڌي صوبائي حڪومت سان ان بابت ڪو رابطو ئي ناهي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت فيصل ايڌي سان رابطو ڪندي ۽ هن کي گهربل سيڪيورٽي فراهم ڪندي.

سنڌ حڪومت:

ان کان اڳ سنڌ حڪومت چيو هو ته پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل سمورا مسافر هئا جن مان 19 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ باقين جي سڃاڻپ ڊي اي اي سان ڪرائي ويندي جنهن جا نتيجا اچڻ ۾ 21 ڏينهن لڳندا.

صحت واري صوبائي وزير:

سنڌ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو چوڻهو ته باقي لاش سردخاني ۾ رکيا ويا آهن ۽ انهن جا ڊي اين اي جا سيمپل ورتا ويا آهن جنهن جا نتيجا اچڻ ۾ 21 ڏينهن لڳندا جڏهن ته وارثن مان 47 ڄڻن پنهنجا ڊي اين اي سيمپل ڏنا آهن جڏهن ته باقين جي مائٽن سان به رابطي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.