خيبرپختونخواهه جو چيف سيڪريٽري به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جو چيف سيڪٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ سندس پٽ افضال ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ پاڻ آئسوليشن ۾ هليو ويو هو.

هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد خان هڪ بيان ۾ ڪاظم نياز جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.

هن پنهنجي پيغام ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ ڊاڪٽر ڪاظم ۽ ٻين اختيارين جي خدمتن تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.