عيد تي ڪراچي ۾ ڪيترو واپار ٿيو…! آل ڪراچي تاجر اتحاد انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيئرمين آل ڪراچي تاجر اتحاد عتيق مير جو چوڻ آهي ته هن سال عيد جي موقعي تي 10 ارب رپين کان به گهٽ جو واپار ٿيو آهي.

آل ڪراچي تاجر اتحاد طرفان جاري پڌرائي موجب لاڪ ڊائون ۾ نرمي کان پوءِ مارڪيٽون ۾ ايندڙ خريدار مصنوعي ثابت ٿيا.

چيئرمين آل ڪراچي تاجر اتحاد چيو ته 11 مئي کان 23 مئي دوران 10 ڏينهن جو واپار ٿيو، عيد جي 80 سيڪڙو خريداري ٻارن جي ڪپڙن، جوتن، پرسن ۽ رانديڪن جي مد ۾ ٿي.

عتيق مير چيو ته گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو واپار ٿيو هو پر هن ڀيري عيد جي موقعي تي 10 ارب رپين کان به گهٽ جو واپار ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.