ڪراچي: کارادر ۾ سلينڊر ڌماڪو، هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) کارادر بلقيس پلازه ۾ سلينڊر ڌماڪي سبب ماءُ ۽ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي کارادر بلقيس پلازه ۾ سلينڊر ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻه ڄڻا هن وقت تائين علاج هيٺ آهن، فوت ٿيلن ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ به شامل آهن.

سول اسپتال جي برنس وارڊ عملي جو چوڻ آهي ته سلينڊر ڌماڪي جي 6 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي، جنهن مان 4 ڄڻا علاج دوران فوت ٿيويا، فوت ٿيلن ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ به شامل آهن ۽ چار ئي ڄڻا 80 کان 90 سيڪڙو سڙي چڪي هئا.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 55 سالن جي سيما، 22 سالن جي مهڪ، 23 سالن جي مونا ۽ 4 سالن جي ماهه نور جا نالا ورتا ويا آهن، جڏهن ته زخمي بابر ۽ فاطمه هن وقت تائين علاج هيٺ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.