ڀارت ڪشمير ۾ ظلمن تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش پيو ڪري: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پاڪ فوجي جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو جتي هن جوانن سان عيد جي نماز ادا ڪئي ۽ عيد ملهائي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ دعا ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن جي بلند حوصلن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪ فوج جو ڪلچر، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم آهي، 27 فيبروري تي پاڪ فوج تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو هو.

جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ پنهنجي رحمتن جي ذريعي ڪورونا وائرس جي وبا مان قوم کي ڇوٽڪارو ڏياري، ڪورونا مان محفوظ رهڻ جي لاءِ پاڪ فوج جا جوان سختي سان احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن، مذهبي تهوار تي به فرض سر انجام ڏيڻ فوج جو فخر آهي، پاڪ فوج پوري عزم ۽ استحڪام سان پنهنجا فرض جاري رکندي.

آرمي چيف والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آرمي عيد ڪشميرين سان مڪمل ٻڌي ڪندي ملهائي رهي آهي، ڪشميرين تي  آگسٽ کان غير انساني لاڪ ڊائون ۽ ڀارتي ظلم جاري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ لائن آف ڪنٽرول تي مسلسل جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.