جوهي ۾ ڳوٺاڻن جو جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

جوهي (ن ع آ) جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت جوهي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو, جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرڻ سولنگي ۾ ٻه هفته اڳ سولنگي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل ٻن عورتن صدف ۽ صفوران سولنگي کي زخمي ڪرڻ وارو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن گلزار سولنگي، شاهنواز، موران، فرزانه، ناديه ۽ شھناز سولنگي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته جوهي پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران الٽو زخمي ڌُر جي ٻن ڄڻن هاشم ۽ امتياز مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي, مظاهرين موجب زخمي صدف جي دماغ جي هڏي ڀڄي پئي آهي ان جي باوجود به پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري, هنن وڌيڪ دانهيون ته  پي ايس جوهي جو اي ايس آء رحمت الله, ميمڻ جوابدار ڌر کان ڳري رشوت وٺڻ بعد اسان کي خاموش رهڻ لاء ڌمڪائي رهيو آھي هنن  چيو ته جهيڙي دوران نياڻي صدف کي مغز ۾ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري هونش وڃائي ويٺي آھي ڪنهن به گهر جي ڀاتين جي سڃاڻپ نه رهي اٿس آخر ۾  هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.