سڪرنڊ ۾ پوليس طرفان دڪاندارن تي تشدد خلاف ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ ۾ سونارا بازار ۾ سونارا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن تي دوڪان بند ڪرائڻ دوران ڊي ايس پي سڪرنڊ جو دوڪاندارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو, جنهن بعد سوين دوڪاندارن پاران سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو, ان موقعي تي سونارا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو ته اسين شريف دوڪاندار آهيون پر ڊي ايس پي سڪرنڊ ٽائيم کان پهريان دوڪان بند ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ اسان تي سخت تشدد ڪيو ويو آهي، هنن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ اعلي اختيارين کان ڊي ايس سڪرنڊجي ڪيل تشدد جو نوٽيس وٺڻ جي گهر  ڪئي آهي, مظاهرين پاران پڻ ڪائونسلر نور احمد رند جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٻي طرف سڪرنڊ شهر جي معززين ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين نور احمد لاکو، ڪائونسلر نور احمد رند , سيد سبحان شاهه ۽ ٻين ٿاڻي تي پهچي ڊي ايس پي الطاف آرائين، ايس ايڇ او سڪرنڊ سان ڳالهيون ڪري مسئلي کي حل ڪرائي ڌريون کير کنڊ ڪرائي ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.