بدين ۾ غريب پورهيت جي گهر کي باهه لڳي وئي، الهه تلهه سڙي رک

بدين (ڊ ر) وئي ويچارن وسري خوشي ۽  خريد ڪھڙيون ڪجن عيدون، وارڊ نمبر چار پير سيد ملوڪ شاھه ڪوٽ پاڙي ۾ رهندڙ عريب پورهيت محمد شفيع ڳنڀير جي گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي سموري سامان سميت الھه تلهھ سڙي رک ٿي ويو، بدين پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ غريب شفيع محمد ڳنڀير جي ڪکائين گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي گهر ۾ پيل سموري سامان سميت احساس ڪفالت سينٽر اسلاميه ڪاليج بدين مان ملندڙ ٻارهين هزار سولر ورتو اهو به سڙي رک ٿي ويو. پاڙي وارن فائرير برگيڊ کي اطلاع ڪيو پر بدين جي فائرير برگيڊ وقت تي نه پئتي جنهن جي ڪري باھ سڀ سامان ساڙي ڍير ڪري ڇڏيو فائرير برگيڊ دير سان پهچڻ جي ڪري سڄو گهر سڙي رک بڻجي ويو، ڀلاري عيد جي رات بي يار مددگار کلي آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور بڻجي ويا هنن چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته آئون تمام گهڻو غريب آهيان مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر سفر ڪندو آهيان مسلسل لاڪ ڊائون جي ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا آهيون جيتري ٿئي سگهي مون غريب جي سار سنڀال لڌي وڃي آئون غريب ڪٿان هي گهر جو اوجھو ٺهرائي سگهندس وس وارا مدد ڪن آئون بي يار مددگار بڻيل آهيان منهنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.