ڀرياسٽي لڳ پرائمري استاد جو ٻارڙن سميت بااثر خلاف مظاهرو

ڀرياسٽي  ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ ڪنڊا کاھي واسي پرائمري استاد روشن عرف منظور ميمڻ پنهنجي ٻارڙن سميت   ميڊيا اڳيان داھيندي ٻڌايو ته  برادري جي ھڪ  بااثر  ڌر سان نيڪال واري نالي جي معاملي تي عدالت ۾ ڪيس ھلندڙ ھو جنهن کان پوءِ برادري جي ماڻھن منير  ميمڻ، شارخ ميمڻ، فرھاد ميمڻ زوري نالي ٺاھڻ جي  ڪوشش ڪئي جنهن  تان برادري جي ٻن معززن وقارميمڻ ۽ افتخار ميمڻ پڻ منع ڪيو ته  انھن بااثرن برداري جي معززن ۽ منھنجي پٽ سميت ڇھن ڄڻن تي ڪيس  داخل ڪرايو آھي ھن چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري جي چوڻ تي اسان جي گھرن تي ڀريا سٽي پوليس سميت  چئن ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري اٽالن  چڙھائي  ڪري ڇھن ڪلاڪن تائين ڪڙو چاڙهي ويهي  رھي پوليس چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن  ۾ گهڙي  پئي  عورت ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو  ھڪ پوليس آفيسر پنهنجي ڏاڍ جي زور تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ چاھي ٿو  هنن چيو ڀريا  پوليس وٽ فرياد کڻي ڀريا ٿاڻي تي موجود وڏي منشي منهنجي  گھرواري کي  ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو  ھاڻ بااثر منير ميمڻ وارا  مينھن جي گمشدگي جو ڪوڙو  ڪيس ٺاھي اسان کي ڦاسڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

ڏهرڪي ، گهوٽڪي، سکر ۽ رحيميار خان جا سوين پورهيت سعودي ۾ بند ڦاٿل

ڏهرڪي ( رپورٽ: منصور پيرزادو ) ڏهرڪي سميت گهوٽڪي سکر ۽ رحميارخان ضلعن مان هلندڙ سال جي فيبروري مهيني ۾ سعودي عرب جي شهر جوبيل ۾ مزدوري لاءِ ويل 492 پورهيت ٽن مهينن کان سعودي عرب ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته پورهيتن کي ڪم لاءِ وٺي ويندڙ نجي ڪمپني پاران پورهيتن کي پگهار ڏيڻ بدارن  ڪرونا وائرس سبب ٽن مهينن هڪ ئي بلڊنگ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب پورهيتن جو ٻاهر اچڻ وڃڻ تي پاپندي سبب ٽن مهينن کان ڦاٿل ڪيترائي پورهيت زهني توازن وڃائي ويٺا آهن، ان سلسلي ۾  سعودي عرب ۾ ڦاٿل پورهيتن وسيم مغل،خان محمد ملڪ، صديق مهر،فرمان سهرياڻي ۽ ٻِن واٽس اپ مسيج معرفت صحافين سان ڳالهيندي چيو آهي ته ڏهرڪي گهوٽڪي سکر ۽ رحميار خان مان تقريبن 492 پورهيت سعودي عرب جي شهر جوبيل ۾ نجي ڪمپني البارق طرفان شيڊون ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال جي 2 مهيني ۾ هت پهتل آهيون جنهن بعد ڪمپني اسان کي هڪ مهينو ڪم وٺڻ بعد ڪمپني اسان سميت  پاڪستان مان آيل 492 پورهيتن کي پگهار ڏيڻ بدران ڪرونا وائرس جو جواز ڄاڻائي ٽن هڪ فيليٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، ذهني مريض ٿي ويا آهيون، وزير اعظم ۽ وڏو وزير واپسي جو بندو بست ڪري،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.