گلاب لغاري ۾ماڪڙ پهچي وئي، فصل کي نقصان

گلاب لغاري (رپورٽ: نياز لغاري)گلاب لغاري ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ جا لامارا ، آبادگارن جا فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته زراعت کاتي اڃا تائين ماڪڙ مار ڦوهارو به ناهي ڪرايو، جنهن سبب گلاب لغاري، ماڻڪ لغاري، علي خان لغاري، ڪالرو موري، بچل ماڇي، مولوي پير محمد چانڊيو ۽ شادمان لغاري ۾آبادگارن ۽ ھارين پنهنجي مدد پاڻ تحت زرعي زمينن تي وڏي آواز وارا اوزار رکي ۽ ٿال وڄائي ماڪڙن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر ان جي باوجود به ماڪڙن جا حملا جاري آھن، زراعت کاتي طرفان ماڪڙن جي خاتمي جي لاءِ اڳواٽ انتظام نه ڪرڻ سبب آبادگارن ۽ ھارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا آھن.

ڳڙهي ياسين کير ٿر ڪئنال جي ڪي بي ايڇ گولودڙو ناڪاره بڻيل ريگيوليٽر لاءِ آيل ڪروڙين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا

ڳڙهي ياسين ( رپورٽ: شهمير علي جمالي  ) ڳڙھي ياسين کيرٿر ڪئنال جي ڪي بي ايڇ گولودڙو جي ناڪاره بڻيل ريگوليٽر جي ڪم لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ٺيڪدار ۽ آفيسرن پاران تيل وال ڪري ڇڏيا آبادگار اڳواڻ جو ايريگيشن ۽ٺيڪيدار خلاف احتجاج ۽ نيب ۾ وڃڻ جو چتاءُ ڳڙھي ياسين کيرٿر ڪئنال ريگوليٽر 1934۾ انگريز حڪومت جي دور ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي لکين ايڪڙن تي مشتمل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ کيرٿر ڪئنال ڪي بي ايڇ ريگوليٽرجوڪم ڪرايوويوهو، جنهن مان کيرٿر ڪئنال۔(ايس ڪي ٽي)شھدادڪوٽ۔سالار شاخ ۽ نم شاخ جا درواز لڳل آھن، جنهن شاخن مان بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪن ٿيون، جڏهن ته ڏيڊ سئو سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ دوران ڪي بي ايڇ ريگوليٽر جا دروازا، پيلر ۽ ڀتيون ناڪاره ٿي چڪيون هيون، جنهن جي ڪري پاڻي جو دٻاءَ سبب ڪڏهن درواز ته ڪڏهن ڀتيون ٽٽي پونديون هيون، جنهن تي آبادگارن ۽ آبشاشي عملدارن ۾ تڪرار ٿيندو رهندو هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ پاران ريگوليٽر کي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ 25 ڪروڙن کان مٿي ٽينڊر ڪرائي گل حسن بلوچ (جي ايڇ بي)اينڊ ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو جنهن جو پراجيڪٽ انجيئر محمد طفيل ۽ اسٽنٽ انجيئر نورنبي دايو جي نگراني ۾ ٻن مهينن جو ڪم ڏينهن رات ڪري 15 ڏينهن اندر اڻپورو ڪري قومي خزاني کي ڪروڙن جو نقصان پهچايو،آبادگار اڳواڻ مير ارسلان خان سيلرو صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران آيل 25ڪروڙن کان وڌيڪ بجيٽ کيرٿر ڪئنال ريگوليٽر ۽ ٻين شاخن جي دوازن۔ پيلرن ۽ ڀتين جي نئين سر تعمير لاء آيل رقم ٺيڪيدار چيف انجنيئر ارشاد علي ميمڻ جنهن کي هڪ ئي وقت اي سي ۽ انجنيئر جون ٽن پوسٽن تي مقرر هيو سپريم ڪورٽ جي حڪم کي پٺي ڏئي سورهين گريڊ جي ايس ڊي او امداد علي فلپوٽو کي پروموشن ڏئي سترهين گريڊ ۾ رکيو ويو آيل25 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم کي تين وال ڪري ڇڏي، هنن وڏي وزيرکان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.