ڄامشوري ويجهو راڄڙ برادري ۾ جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشوري ويجهو ڳوٺ صديق راڄڙ ۾ راڄڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻنهين ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ هڪ ڌر جا زخمي جن ۾خدابخش راڄڙ، بصر راڄڙ، عمر راڄڙ، اڪرم راڄڙشامل آهن جڏهن ته ٻئي ڌر جا ميران راڄڙ، عامر راڄڙ، ابراهيم راڄڙ، ڪامران راڄڙ، اسد راڄڙ شامل آهن  سمورين زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو ۾ داخل ڪيو ويو . ان سلسلي ۾ ايس ايس ايڇ او ڄامشورو قربان قمبراڻي ٻڌايو ته راڄڙ برادري جي ماڻهن ۾ سنڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي زخمين کي ليٽر ڏنا آهن جيڪي پنهنجي علاج لاءِ اسپتال ويل آهن جيئن ئي ايند ته ٻنهين ڌرين کان جاچ ڪري پوءِ ڪا ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.