گهاري ۾ بدامني، 5 وارداتن ۾ لکين رپين جي ڦر

گهارو(ن ع آ)گهاري ۾ عيدويجهو ايندي ئي چورن شهر جي جي مختلف علائقن ۾ چورين جوسلسلو شروع ڪري ڇڏيوآهي.ٻن هفتن ۾ شهرجي مختلف پاڙن جي گهرن مان 5 وارداتون ڪري لکين روپين جو سامان کڻي فرارٿي وياآهن، جڏهن ته 2وارداتون قومي شاهراهه تان احمدآباد جي هڪ پيٽرول  پمپ ۽ مڇيءَ جي واپاريءَ کان پڻ ڦرڪئي ويئي آهي. گذريل رات گهارو ۾َنامعلوم چور خميسو ميمڻ جي هڪ سوزوڪي پڪ اپ ڦرڪري فرارٿي وياآهن.گهارو پوليس پاران مسلسل چورين باوجود شهر ۾ چورين جو وارداتون ڪندڙ ٽولي کي قانوني گرفت ۾ آڻي نه سگهي آهي.شهرجي واپارين ۽ سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي ٺٽوکان گهرڪئي آهي ته گهارو ۾ چوريءَ جي وڌندڙ وارداتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران الزام رد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ  پبلڪ سروس ڪميشن ميڊيا جي ڪجھه حلقن ۾ غير جانبدار خبرون شايع /نشر ٿيڻ جنھن ۾ پنھنجا نوازي ۽ اقرباپروري جا الزام مڙھيا ويا آھن، ان کي مڪمل رد ڪندي بي بنياد قرار ڏيندي ان ڳالهھ جي وضاحت ڪئي وئي آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ماتحت ٿيندڙ گڏيل ڇٽا ڀيٽي امتحان توڙي مختلف پوسٽس لاءِ ٿيندڙ امتحانن کي مڪمل صاف ۽ شفاف بنياد تي عمل ۾ آندو ويندو آھي. سنڌ حڪومت قانون جي دائري پٽاندر ميرٽ جون سمورن تقصائون پوريون ڪري ڪميشن جي ميمبرز جي چونڊ ڪندي آھي. سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادي نوٽيس (SUO MOTO CASE NO 18/2016) مطابق ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبيرز استعيفي ڏني، ان ۾ اھو به واضع ڪيو ويو ته سائينداد سولنگي ۽ غلام شبير شيخ جي جي چونڊ معيار جي پٽاندر ٿيل آھي، اھڙي ريت انھن جي سروس بحال ڪري کين ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ساڳي ريت موجوده ميمبرز مٿان به ڪنھن بھ قسم جي جو ڏوھ ثابت نه ٿي سگھيو آھي. ملڪ جي لائق اميدوارن جيان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ملازمن جي اولاد به قانوني طور تي سمورن امتحانن ۾ شرڪت ڪري ميرٽ جي بنياد تي چونڊجي سگھي ٿو. ميڊيا جي ڌر اھو بي بنياد الزام مڙھيندي اھو چيو آھي ته ڪميشن مخصوص آبادي جي کي غير قانوني طور نذرانداز ڪري رھي ھي. ان جي وضاحت ھن ريت آھي ته گڏيل ڇٽا پيتي امتحان ۾ سمورن اميدروارن کي ھڪ جيترو موقعو فراھم ڪيو ويندو آھي، جنھن ۾ ھر اميدوار امتحان پاس ڪري پوسٽ جو حقدار بڻنو آھي. جڏھن ته جيڪي پوسٽ رھجي ويندون آھن، اھي ايندڙ امتحان ۾ شامل ڪيون وينديون آھن. ايس پي ايس سي لاءِ اھي تمام ڊوميسائيل ڀروسي لائق ھوندا آھن، جيڪي ضلعي انتظاميا پڌرا ڪندي آھي ۽ اميداوار ظاھر ڪندو آھي، جيڪڏھن ڪو اميدوار غير قانون ڊوميسائل کي پڌرو ڪري رھيو آھي ته ان کي قانون مطابق گھرو کاتي ۾ چئلينج ڪري سگھبو آھي. اھڙي ميڊيا مھم فقط عام عوام جي نظرن ۾ ايس پي ايس جو معيار ڪرائڻ لاءِ ھلايون وڃن ٿيون، جيڪي بي بنياد ھونديون آھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ قانوني اداري ھجڻ جي حيثيت جي بنياد تي مھم ھلائڻندڙن خلاف قانون دورازا کڙڪائڻ جو حق رکي ٿي.

 خيرپور شهر جي 25 پاڙن ۾ گندو پاڻي بيهجي ويو، شهرين جا پبلڪ هيلٿ خلاف مظاهرا

خيرپور(ڊر) خيرپور شهر جي 25 کان وڌيڪ محلن   ٻٽڙو  محلا ،مير علي بازار، مطصفي ڪالوني،الطاف ڪالوني، بچل  شاه محلا ، ڳوٺ، نئون ڳوٺ، بابو شاهه محمد ڪالوني، اسٽاف ڪوارٽرز، گودوشاپ محلا، پنجهٽي، چوڙيگر بازار، لال مندر، جانوري ڳوٺ ۽ ٻين هنڌن تي نالينجو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو  آهي. جنهن ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. شهرين سائده ڳوٺ ۽ پنجٽي تي ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا جنهن جي اڳواڻي عبدالرزاق ميمڻ، غلام شبير بلوچ، فاروق جانوري، سائين بخش مڱڻيجو، علم الدين جانوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن ٻڌايوته ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه گڏيل طور تي شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. نالين جو گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ ڪاهي پيو آهي. جڏهن ته قبا مسجد، امام بارگاهه حسيني، درگاهه رامپوري سرڪار ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ نالين جو گندو پاڻي ڪاهي پيو آهي. شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جڏهن ته عبادتگاهن ڏانهن ويندڙ نمازين ۽ زيارتين کي پڻ سخت تڪليف اچي ٿي. هنن ٻڌايوته ميونسپل خيرپور جو چيئرمين سيد امجد شاهه جيڪو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو ڀائٽيو آهي. هو چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ شهرين سان ملڻ کان ٺپ قسم کڻي ڇڏيو آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيوته احمد خان ابڙو کي هڪدم هٽايو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ بندوبست ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ شهري ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ جي آفيسن جو گهيراءُ ڪندا جنهن جي ذميواري هنن مٿان هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.