پنجاب ڏيڍ سو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي قبضي جون ڪوششون ڪري رهيو آهي:سنڌ پروگريسو ڪاميٽيءَ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پروگريسو ڪاميٽيءَ جي ڪنوينئر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجي جي صدارت ۾ هڪ آن لائين گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، عوامي جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري نور نبي راهوجي شرڪت ڪئي.  اڳواڻن ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪرپٽ ڪامورا شاهي ۽ سياسي سفارشن سمورن ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن کين سڀاڻي ڀڳڙن مُٺ تي نجي سرمائي جي حوالي ڪري سگهجي. هُنن گهر ڪندي چيو ته پي آءِ اي جي سي اي او ارشد ملڪ کان استعيفي وٺي، ڪراچي جهاز حادثي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.  اڳواڻن ڪورونا وبا جي ڏينهن ۾ وفاقي سرڪار پاران ڀاشا ڊيم جي تعمير واري فيصلي کي  قوم ۽ عوام دشمن فيصلو قرار ڏيندي چيو ته ميگا اسٽرڪچرز  جو مقصد صرف عالمي توڙي ڏيهي وڏن سرمائيدارن جو ڀِڀ ڀرڻ آهي ٻيو ڪجهه نه. پنجاب ڏيڍ سو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي قبضي جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌو درياهه اڳ کان ئي ڊيمن ۽ بندن سبب مري رهيو آهي، اُن تي وڌيڪ ڪو ٻيو ڊيم سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جي خاتمي تي دستخط ثابت ٿيندو. ايس پي سي ڪنهن به اهڙي قوم ۽ ماحول دشمن پراجيڪٽ جي سخت مخالفت ۽ ڀرپور مزاحمت ڪندي. هُنن چيو ته معاهدي مطابق ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾  پاڻي ڇڏي ، ڊيلٽا جي زمين، ماڻهن ۽ ماحول کي بچايو وڃي. اڳواڻن ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي ڏس ۾  تازو چيف جسٽس جي بيان کي انتهائي غير ذميواراڻو  ۽ ونگار وهندڙ بيان چئي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته  پورهيي ۽ سرمائي جي تضاد ۾ رياست جا سمورا ادارا عام پورهيت عوام بدران،  مارڪيٽ ۽ منافعي خورن جي دفاع  ۾  اڳيان اڳيان آهن. کنڀي گم ڪيل ماڻهن ۽ ميڊيا تي سخت پابندي جي مامري تي چيف جسٽس جي وات ۽ اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ نيب جي احتساب وانگي جسٽس جا بيان به ڌُرائتا آهن.  هُنن چيو ته ڪورونا وبا مامري ۾ صحت  جي عالمي ۽ ڏيهي ادارن کي ٻُڌڻ بدران ويتر کين هيسايو وڃي ٿو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته  توڻي جو پي ٽي آئي ۽  پي پي حڪومت زرعي سُڌارن جي مخالفت ڪندي پاڻ کي اڳ کان ئي هاري دشمن ثابت ڪري چُڪا آهن پر پوءِ به سنڌ ۽ سموري ملڪ  ۾ تازو ٿيل  ماڪڙ جي حملي تي  تشويش جو اظهار ڪندي، اڳواڻن  سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته  اها وفاق کان جهاز ۽ ضروري مدد وٺندي،  سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين جي واهر ڪري.  ان سان گڏ  اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم بابت پنهنجي پُراڻن فيصلن کي ورجائيندي اڳواڻن چيو ته  حڪمران جيڪڏهن ون يونٽ واري آمراڻي سياست کي ورجائڻ چاهين ٿا ته اسان به ون يونٽ خلاف  جمهوري تحريڪ لاءِ تيار آهيون.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.