لاڙڪاڻي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ لاڪ ڊائون ٻي حياتي کسي ورتي، 30 سالن جي نوجوان ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، وارث لاش سان چنبڙي روئيندا رهيا، خوشين جو گهر ماتم ۾ تبديل ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا ۾ بيروزگاريءَ کان تنگ اچي 30 سالن جي نوجوان سجاد حسين عرف راجا دايو گهر جي ڪمري ۾ ڇت واري پکي ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، لاش لڙڪندي ڏسي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ۽ خوشين وارو گهر ماتم ۾ تبديل ٿي ويو بعد ۾ وارثن نوجوان جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق بعد وارث لاش سان چنبڙي روئيندا رهيا. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پيءُ غلام شبير دايو ٻڌايو ته پٽ سجاد حسين عرف راجا دايو بَٺي جو مزدور هو لاڪ ڊائون سبب گذريل ٻن مهينن کان مسلسل بيروزگاريءَ جي ڪري اڪثر پريشان رهندو هو جنهن گهر جي ڪمري ۾ ڇت واري پکي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر واري، معصوم نياڻي ۽ پيرسن امڙ زارون قطار روئيندا پڻ رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.