عيد جي اعلان بعد حيدرآباد واسين خريداري زور، مارڪيٽون سڄي رات لکيل رهيون

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ عيد جي اعلان بعد حيدرآباد واسين خريداري زور، لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي ڪري عيد جي خريداري جي حوالي سان مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز کليل رهيا، جتي وڏي انگ ۾ شهرين پهچي عيد جي خريداريڪئي. ريشم بازار، شاهي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، لطيف آباد نمبر 8، قاسم آباد توڙي ٻين علائقن ۾ قائم مارڪيٽن ۾ شهرين جي پيهه باوجود ايس او پيز تي عمل نه ٿي سگهيو. خريدارن کان ويندي دڪاندارن توڙي سندن ملازمن ماسڪ ۽ هينڊ گلوز نه پاتا، جڏهن ته سينيٽائيزر جو استعمال نه ٿيڻ سبب مارڪيٽن ۾ ڪورونا جو خوف برقرار آهي.

سيد عبدالله شاهه انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل جي ملازم کي ڪورونا جي تصديق

سيوهڻ(ن ع آ) سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل  سائنس سيوھڻ جي 3 ڏينهن اڳ ڪورونا پازيٽو  آيل ملازم احسان منڱڻھار جي والد جي ڪورونا  ٽيسٽ پڻ پازيٽو اچي وئي جنهن کي گهر اندر آئيسوليٽ ڪيو ويو مقامي سطح تي انسٽيٽوٽ جي 6 جي ملازمن سميت ڪورونا مريضن جو انگ 9 ٿي ويو ٻئي طرف لوڪل سطح تي ڪيس وڌڻ باوجود شهرين سنڌ حڪومت جي ايس او پيز ۽ سوشل ڊسٽينس کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل  سائنس سيوھڻ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي چيو آهي ته سوشل ڊسٽينس نه هجڻ ڪري وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ان ڪري ماڻھون گھرن تائين محدود رھن.

گهوٽڪي جا وڌيڪ 4 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار، انگ 164 ٿي ويو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ) ضلعي گهوٽڪي جا وڌيڪ 4 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار، مريضن جو تعداد 164 ٿي ويو. ڊپٽي ڪمشنر پاران تصديق. تفصيل موجب ڪورونا وائرس جي پيش نظر ضلعي انتظاميه پاران جاري نمونا وٺڻ واري مهم تحت ضلعي جي مختلف علائقن مان 182 ماڻهن جا نمونا ورتا ويا هئا جن جي نتيجن تحت 4 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته 178 ڄڻن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وائرس سبب متاثر ٿيل 4 ڄڻن مان هڪ ڏهرڪي، ھڪ خانڳڙه ۽ 2 ڄڻا تعلقي گهوٽڪي جا رهواسي آهن اهڙي ريت ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 164 ٿي ويو آهي. واضع رهي ته هن مهل تائين ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائرس جا 330 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 165 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن ۽ 164 مريض علاج هيٺ آهن جڏهن ته هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي. ڊپٽي ڪمشنر پاران عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته عيد جي موقعي تي عيد نماز توڙي ملڻ جلڻ دوران سخت احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته جيئن وائرس وڌيڪ نه پکڙجي سگهي. هن چيو ته عوام جي تعاون سان ئي وائرس کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي اميد آهي ته مشڪل وقت ختم ٿيڻ بعد وري رونقون بحال ٿينديون پر في الحال احتياط ڪرڻ لازمي آهي،

ڏهرڪي بار اڳواڻن جي ڪوششن رنگ لاتو، ڪورونا ٽيسٽ سينٽر قائم

ڏهرڪي ( ت ر )  ڏهرڪي بار جي اڳواڻن پاران ڏهرڪي جي عوام جي مفت ۾ ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ ڪري سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڪيل جهدوجهد نيٺ رنگ لاتو آهي، جنهن بعد اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه پاران ٽي ٽي سي ڪاليج ۾ شهرين جي مفت ۾ ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪرونا ٽيسٽنگ سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو افتتاح  بار جي صدر جام عبدالفتاح سميجو وڪيل غلام رسول مهر، سليم اختر ملڪ، جاويد سومرو ۽  اينگرو ۽ ماڙي پيٽروليم جي انتظاميه عوان محمد ڊاڪٽر صدورو ناز ۽ پاران افتتاح ڪيو، ان موقعي تي بار جي جنرل سيڪٽري وڪيل غلام رسول مهر ٻڌايو ته ڪروانا جي وبا کانپوءِ اينگرو جي مالڪ طرفان صوبي جي ڇهن ضلعن ۾ ڪرونا ٽيسٽنگ سينٽر قائم ڪري اتي جي عوام جي مفت ۾ ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد ڏهرڪي بار جي اڳواڻن پاران ڊي سي گهوٽڪي ۽ اينگرو انتطاميه کي ڏهرڪي ۾ به ڪرونا سينٽر قائم ڪري هتان جي عوام جي مفت ۾ ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي ڊي سي گهوٽڪي محمد خالد سليم اينگرو انتظاميه کي ڏهرڪي ۾ به پڻ ڪرونا ٽيسٽنگ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو هو جنهن تي اينگرو انتظاميه پاران هتان جي عوام جي مفت ۾ ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ٽي ٽي سي ڪاليج ۾ ٽيسٽنگ سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا هتان جي عوام لاءِ خوشخبري آهي ان دوران بار جي اڳواڻن پاران ڪراچي مان آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا،

ميرپورخاص ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڪورونا جا راڱا جاري آهن ميرپورخاص لڳ ڳوٺ شاهه بخش لاشاري جو رهواسي ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ ڪورنا ۾ ورتل خوراڪ کاري جي سپروائزر محمد صالح لاشاري جو ويجھي مائٽ 30 ورهين جي علي محمد لاشاري کي به ڪورونا جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته هڪ هفتو اڳ ڪورونا وگھي فوت ٿي ويل ٽنڊوجان محمد جي رهواسي محمد فاروق جي نوجوان پٽ عمر فاروق ۾ پڻ ڪورونا جي تصديق ٿي ويئي آهي ٻنهي مريضن کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد مريض پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آئيسوليٽ ٿي ويا آهن ميرپورخاص ضلع  تيزي سان ڪورونا ڦهلجڻ سبب عوام ۾ سخت ڳڻتي ڦهليل آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.