رمضان المبارڪ جي عيد ۽ ڪورونا جو دور

خير سان رمضان شريف جا روزا بھ پورا ٿي ويا ۽ شوال جو چنڊ بھ نظر اچي ويو جنھن بعد اڄ عيد جو جو ڏھاڙو آھي، سنڌ سميت سموري دنيا عيد جون  خوشيون ملھائيندي ھوندي پر ان ئي عيد جي ڏھاڙي تي سڄي دنيا ۾ ھزارين مسلمان خاندان اھڙا بھ ھوندا جن پنھنجا پرين پيارا ھن ڪورونا وبا جي دور ۾ وڃايا آھن ۽ ھاڻي ھو انھن  جي بنا عيد ملھائيندا ھوندا…، اھا عيد ڪھڙي ھوندي ان جو اندازو ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالھھ نھ آھي.

رمضان شريف جي ھيءَ عيد ان وقت آئي آھي جڏھن سڄي دنيا پوءِ ڀل دنيا جا سلامي ملڪ ھجن يا غير اسلامي ملڪ ھجن ڪورونا جي لپيٽ ۾ آيل آھن ۽ سموري انسانيت جھڙوڪر موت جي ھڪ اھڙي خوف ۾ ورتل آھي جيڪو اڃان تائين اڻڄاتل آھي، ڪورونا انساني تاريخ جو ھڪ اھڙو الميو آھي جنھن جي ڪنھن کي بھ ڪا سڌ نھ ھُئي، وائرس دنيا ۾ اڳ پيدا ٿيندا رھيا آھن ۽ ختم ٿيندا رھيا آھن ۽ ويندي ويندي لکين ڪروڙين ماڻھن کي موت جو کاڄ بڻائي ويندا آھن، پر ڪورونا وائرس جي حوالي سان اھڙي ڪا ڳالھھ ڪرڻ وقت کان اڳ جي آھي ٿي سگھي ٿو تھ ايندڙ عيد بھ ڪورونا جي دور ۾ ڪرڻي پئجي وڃي، ڇو جو ھن وقت تائين سچي دنيا ۾ ڪورونا جي علاج جي ڪا ويڪسين دريافت ٿي نھ سگھي آھي.

سڄي دنيا سميت پاڪستان بھ ڪورونا وائرس کان متاثر آھي ھن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪورونا 53- ھزار ماڻھو متاثر ٿي چڪا آھن، جڏھن تھ 12- جي لڳ ڀڳ موت جو شڪار ٿي چڪا آھن، رمضان شريف جي آمد کان اڳ جڏھن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ڪورونا کان محفوظ رھڻ ۽ ان جي ڦھلاءَ کي روڪڻ کاءِ ايس او پيز پئي ٺاھيا تھ انھن ۾ اھا ڳالھھ سڀ کان اھم ھُئي تھ ماڻھو پنھنجي وچ ۾ سماجي وٿيءَ واري عمل کي برقرار رکن، ۽ وڌ ۾ وڌ پاڻ کي گھرن تائني محدود رکن، جڏھن تھ مارڪيٽن، مسجدن ۽ ٻين عبادت وارين ۽ ميل ملاپ وارين جاين تي ميڙ ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي ھئي، ان ڏس ۾ لاڪ ڊائون ڪري شھرن کي پڻ بند رکيو ويو جنھن جا انتھائي مثبت نتيجا پڻ نڪتا، لاڪ ڊائون جھڙي پاليسيءَ کي ختم ڪرڻ بعد وري ڪورونا ڪر کنيو آھي ۽ اھڙي ئي صورتحال ۾ رمضان شريف جي عيد پڻ اچي وئي آھي.

رمضان شريف جي روزن دوران ۽ بعد ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار پڻ ايس او پيز جاري ڪيا آھن، افسوس سان انھن ايس او پيز تي رمضان شريف جي روزن دوران تھ عمل تمام گھٽ ٿيو پر ھاڻي جڏھن روزا پورا ٿي ويا آھن ۽ عيد آھي تھ گھٽ ۾ گھٽ عيد جي ڏنھن کي محفوظ بنائڻ لاءِ سرڪار جي ايس او پيز تي عمل ضروري طور تي عمل ڪيو وڃي جنھن جو فائدو اوھان کي ئي ٿيندو،

ايس او پيز ۾ عوام کي گذارش ڪئي وئي آھي تھ ھو عيد نماز جا وڏا اجتماع نھ ڪن، ٿي سگھي تھ عيد نماز ننڍڙن جٿن جي صورت ۾ ادا ڪن ۽ عيد نماز دوران ھڪ نمازيءَ کان ٻئي نمازيءَ جي وچ ۾ ٽن کان ڇھن فوٽن جي وٿي ھر صورت ۾ ممڪن بڻائين ۽ ڪوشش ڪري عيد نماز بعد ڳلي ملي مبارڪون واري عمل کان احتياط ڪن، اڄ عيد آھي ۽ سعودي عرب ۾ ڪرفيو جھڙي صورتحال آھي.

اسان اڳ بھ پنھنجن ايڊيٽوريلز ۾ عوام کي اھا ئي اپيل ڪندا رھيا آھيون تھ اوھان پنھنجيون مذھبي سرگرميون ضرور ادا ڪيو، انھن کان اوھان کي نھ سرڪار ٿي روڪي ۽ نھ ئي بي ڪا قوت پر اصل مسئلو ھي آھي تھ جيڪو ڪورونا جو دور ھلي رھيو آھي، ان دوران رڳو اوھان کي احتياط ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، اسلامي تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي واقعا موجود آھن جڏھن حضور صلعم جن مسلمانن کي گھرن ۾ نماز ادا ڪرڻ ۽ عبادتون ڪرڻ جو حڪم ڪيو ھو، ايتري قدر جو جيڪڏھن گرميءَ جي مند ۾ ڪنھن ڏينھن گرمي وڌيڪ ٿي ويندي ھُئي يا سرديءَ جي موسم ۾ سردي وڌيڪ شديد ٿي ويندي ھُئي تھ پاڻ ڪريم جن مسلمانن ۽ پنھنجن اصحابين کي پڻ گھرن ۾ عبادت ڪرڻ جي تاڪيد ڪندا ھيا، وبا جي تھ ڳالھھ ئي الڳ آھي. پر اسان جنھن دور ۾ زندگي گذاري رھيا آھيون اھو دور ھڪ نھ پر ڪيترين ئي وبائن کي جنم ڏيندو رھي ٿو ۽ ھاڻوڪي وبا جيڪو ڪورونا وائرس ڪري پيدا ٿي آھي، سا اڳ جي سمورين وبائن کان انتھائي سنگين آھي، تنھنڪري ضرورت ان ڳالھھ آھي آجي تھ ان وبا کان پاڻ ۽ پنھنجن پيارن کي محفوظ رکون ۽ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار جي جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪريون، اي او پيز تي عمل ڪرڻ ئي ۾ ئي اسان سڀني جو تحفظ سمايل آھي.

اسان اھا اُميد ڪرڻ ۾ حق بجانب ھونداسين تھ پاڪستان جو عوام وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل ايس او پيز تي انھن جي اصلي روح موجب ئي عمل ڪندي عيد جي خوشين کي محفوظ بڻائيندو ۽ اسان اھا بھ اميد ٿا ڪيون تھ جيڪڏھن عوام رمضان شريف جي ھن عيد کي سرڪار جي ايس او پيز تحت احتياط سان ادا ڪيو تھ ھوند انھن کي ايندڙ ذاولحج جي عيد ۾ ڪنھن بھ اي اوپيز تي عمل ڪرڻ جي زحمت نھ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.