ڪورونا جي وبا جي ڏينهن ۾ آيل عيد جون خوشيون 

ڊاڪٽر ڪامران چانڊيو

هن وقت پوري دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب شديد غم ۽ ڏک جو سمانءُ ڇانيل آهي آسمان ڄڻ انسان جي ڳوڙهن سان ڀرجي چڪو آهي بس هڪ گجگوڙ جي دير آهي جيڪا پوري دنيا تي پنهنجو سحر طاري ڪري ڇڏي ۽ غمن ۾ وڪوڙيل دنيا کي ڏکن مان نجات ملي وڃي جنهن بعد هڪ اهڙي دنيا جي تعمير ٿئي جتي ڪو به خطرو نه هجي خوشيون ئي خوشيون هجن

پر اهو اڃا صرف خواب ئي آهي جنهن جو پوراءُ چاهي ڪڏهن ٿئي به يا نه پر انسان وري به ڏکن ۽ غمن کان ڏاڍو آهي وقتي طور تي انسان ڀلي ڪيترو به بي وس ۽ لاچار نظر اچي پر وقت اچڻ تي هوءُ ضرور اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ته انسان جو عقل نه ٿيندڙ شين کي به ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي اهليت رکي ٿو-

ڇو جو اونداهي ۾ دڳ ڳولڻ لاءِ هڪ شمع ذريعي ئي منزل تائين پهچي سگهجي ٿو تئين ئي ڪووڊ-19 دوران هڪ اميد جو ڪرڻو آهي جيڪو هڪ ڏينهن ضرور روشن ٿيڻو آهي جنهن جي روشني سان پوري دنيا جو روشنيون بحال ٿي وينديون

انسان تي ڪووڊ-19 کان اڳ ٻيون به ڪيتريون ئي هزارين آفتون ۽ مصيبتون آيون جيڪي هن دنيا جي گولي تي رهندڙ اربين انسانن جون حياتيون ڳڙڪائي ويون پر باوجود ان جي اڄ ڏينهن تائين اسان پنهنجي وسيح سوڇ ۽ عقل جي بنياد تي سڀني مصيبتن کي منهن ڏيندو آيو آهي تنهن ڪري اڄ ڏينهن تائين انسان جو وجود قائم آهي

ڪرونا وائرس توڙي جو پوري دنيا جي هلندڙ نظام کي سخت متاثر ڪيو آهي پر ان باوجود به دنيا جا اربين انسان ڪرونا جي خاتمي طرف وانجهائي رهيا آهن جيڪو ڀلي جلد ختم نه ٿئي پر ٻين مصيبتن بيمارين ۽ آفتن جيان ڪرونا وائرس کي شڪست ضرور ملڻي آهي

ڪرونا وائرس هڪ پل لاءِ ته هن دنيا جي سڀني خوشين کي پاڻ سان گڏ ٻهاري ڇڏيو هيو پر چوندا آهن ته ڏک پٺيان سک به ايندا آهن سکن پٺيان ڏک به زندگي جو حصو آهن هاڻي هوريان هوريان پوري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا پويان پير آهن پوري دنيا ۾ تمام وڏي تباهي مچائڻ بعد هاڻ ڪنهن حد تائين ڪرونا وائرس تي ضابظو اچي چڪو آهي جي ضابظو نه به آيو آهي ته شايد ماڻهن ڪرونا وائرس مجبورن گڏ هلڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهن تنهنڪري هاڻي هوريان هوريان بند پيل پوري دنيا جا تالا کلڻ شروع ٿي چڪا آهن شايد تاريخ جي هڪ بدترين پيج پنهنجي پڄاڻي ته پهچڻ وارو آهي جنهن پوري انساني زندگين کي مفلوج ۽ هڪ پل لاءِ معذرو بڻائي ڇڏيو دنيا ۾ هاڻ اها اميد قائم ڪئي پئي وڃي ته جلد ڪرونا وائرس هن دنيا مان ختم ٿي ويندو

[۽ زندگي معمول تي اچي ويندي ڏٺو وڃي ته هن وقت انسان هڪ اهڙي نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي جتي هڪ انسان ٻي انسان لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي اهڙي نازڪ وقت ۾ ڪرونا وائرس جي ختم ٿيڻ جون اميدون انسان ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏين ٿيون.

هڪ طرف ڪرونا جون تباهڪاريون آهن ته ٻي طرف اڄ خوشين جو ڏهاڙو جنهن کي ´عيد` سڏيو وڃي ٿو، ملهائي رهيا آهيون. ڏٺو وڃي ته انساني تاريخ ۾ هزارين مصيبتن ۽ آفتن انسان کي گهڙي کن لاءِ پريشان ضرور ڪيو آهي پر وري به انهن مصيبتن ۽ آفتن کي شڪست آئي آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته اسان وٽ هر روز ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا جن سبب انسان جو زندگي گذارڻ تان ارواهه ئي کڄي وڃي ٿو پر پوءِ به تڪليفن ۽ مصيبتن سان گڏ رهڻ به زندگي جو ناءُ آهي ڇو جو انسان جيترو تڪليفن مان سکندو آهي اوترو ٻي ڪنهن هنڌان سکڻ ناممڪن آهن توڙي جو ڀلي ڪرونا وائرس پوري دنيا جي رنگينيون ٻهاري ڇڏيون آهن پر اڄ به عيد جون خوشيون جئين جو تئين وجود آهن ڇو جو ذهني خوشي لاءِ پئسن جي ضرورت نه هوندي آهي نه ئي وري پئسو خوشين جي ضمانت آهي. اڄ به هن هيڏي وبا جي هئڻ باوجود اسان جي عوام جان جي پرواهه نه ڪندي به خوشيون ملهائي رهي آهي

چوڻ جو مقصد ته ڪرونا وائرس انسانن جو جانيون ضرور ڳڙڪايون آهن پر انسان جو خوشيون جئين جون تئين وجود آهن ڇاڪاڻ جو سندن دل ۾ هڪ تمنا آهن ته اڳ پوءِ جيت انسان جي ئي ٿيڻي آهي ۽ ڪرونا وائرس کي شڪست ملڻي آهي ان ڪري ضروري آهي ته هن ڏينهن تي ڪرونا وائرس جي خاتمي لاءِ نيڪ تمنائون ڪيو وڃن جئين جلد پوري دنيا جون رنگينون موٽي اچن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.