عيد خوشين جو ڏينهن 

عزيزالله ناريجو

اڄ پاڪستان ۾ عيد جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جي پڄاڻي ٿي شوال جي چنڊ جي ڏسڻ سان گڏ ايندڙ خوشين ۽ سرهائي جي ان ڏينهن جي معنيٰ مفهوم جي تعليم اسان کي اهو سمجهائي ٿي ته پنهنجي خوشين ۾ انهن کي ائين شريڪ ڪرڻو آهي جن جي جيون جو سفر ڏکن ۽ ڏولاپن ۾ گذريو آهي ۽ انهن ماڻهن جن جا پيارا نامعلوم ماڻهن هٿان کنڀي ويا هجن، انهن کي شفقت ۽ پيار سان ملڻ جو ڏينهن آهي.

ان ڀلاري ڏينهن تي رياست ۽ رياستي ادارن توڙي حڪومت کي پنهنجي ملڪي عوام کي خوشيون موٽائي ڏيڻ جي لاءِ بارڪت مهيني جي فضيلتن ، عبادتن ۽ الله جي خوشنوديءَ خاطر سڄو رمضان جنهن ڏکين حالتن ۾ غربت وگهي مهانگائي جي مار هيٺ پنهنجي جيءَ  کي جهوري جهڙي طرح سان روزا رکيا اهڙي طرح حڪومتن جو فرض ٿو ٿئي ته پنهنجي ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽائي ڏيڻ جي لاءِ اهي جيڪي نامعلوم ماڻهن هٿان کنڀي ويا هئا انهن کي پنهنجي پيارن سان ملائڻ جي لاءِ حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ کپي ۽ پڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کپن جو ڪنهن جا به پيارا ڪنهن کان کسجي نه سگهن ڪي به نامعلوم ماڻهو ڪنهن جا ٻچا کسي نه سگهن.

ملڪ ۾ معاشي توڙي سياسي طور تي اهڙيون پاليسيون جوڙڻ گهرجن جنهن سان ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي امن گلاب جي گلن جيان ٽڙندو مهڪ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اڳيان اڳيان هجي. ڪنهن جا به ٻچا ٻه ويلا ماني جي لاءِ ڪنهن جي اڳيان جهول جهلي بيٺل نه هجن ۽ ڪنهن جي ٻچن کي عيد جي ڏينهن اها نراسائي نه هجي ته بابرڪت عيد واري ڏينهن ڪي سٺا ڪپڙا نه پائي سگهن ۽ عيد جي مسرتون ماڻي نه سگهن. اهڙيون به حالتون نه هئڻ گهرجن جو ملڪ جي عوام امن جي لاءِ ٻاڪاريندو رهي، دهشتگردي راڪاس بڻجي ملڪ جي ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏي ۽ انهن کي هر وقت الڪو رهي ته اسان جا ٻچا جيڪي پڙهڻ ويا آهن يا روزي روٽي ڪمائڻ ويا آهن اهي خبر ناهي خيريت سان واپس ورندا به يا نه.

اسان جي  ملڪ جون ڪجهه عرصي کان حالتون بهتر طرف وڃي رهيون آهن، ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪري نئين اليڪشن جي طرف وڃي رهيون آهن ان مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته عارضي حڪمران اهڙيون حالتون ڇڏي ويندا جن سان ملڪ جي عوام جي مک تي مرڪون برقرار رهنديون ۽ اها به چڱائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي ته آزادانه ۽ شفاف نموني سان ووٽ حاصل ڪندڙ ڌر کي اقتدار جي مسند حوالي ڪري ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.