بي ترتيب حقيقتون

جي اين کوسو

دنيا جهان جي ڳالهين ۾ حقيقتون بي ترتيب ۽ ٽڙيل پکڙيل هونديون آهن ، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي لڪيل پڻ هونديون آهن . ٿورن جي ڏاڍ مڙسي ۽ گهڻن جي غلامي وارن طبقاتي سماجن واري هن دنيا ۾ ڪوڙ مڪر ، منافقي ، دوکي ۽ جبر کي هر هنڌ روايتي راڄ رسم (Code of Conduct ) واري مڃتا مليل آهي. دنيا ۾ رائج سماجي ڍانچن کي بدلائي ان جي جاءِ تي بهتر ، مناسب ۽ فضيلت ڀريو سماجي ڍانچو جوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڏاهن ، انقلابي ڪردارن ۽ سياسي، سماجي ۽ معاشي علم جي ماهرن جو اهو پهريون فرض پئي رهيو آهي ته اهي دنيا ۾ طبقاتي سماجن اندر ٽڙيل پکڙيل ، دٻايل يا لڪايل حقيقتن کي ترتيب ڏئي سچ جو سربستو چهرو ماڻهن جي مظلوم اڪثريت اڳيان پيش ڪري ، دنيا جي رائج سرشتي ۽ دستور جو ڪوڙ ، مڪر ، منافقي ۽ حرامپائي وارن نقابن ۾ ويڙهيل ڪوجهائپ وارو ڪارو منهن سڀني کي ڏيکارين .

ٻئي پاسي دنيا ۾ چالو سرشتي ۽ رواج جا رکوالا انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا آهن ته يا ته حقيقتون مورڳو لڪل ۽ دٻايل رهن يا وري جيڪڏهن ظاهر ٿي به پون ته اهي هڪ ٻئي سان ترتيب ۾ جڙي سچ تي بيٺل پيش منظر نه جوڙي سگهن.

سچ ۽ ڪوڙ جي طرفدارن جي ان سياسي ، سماجي ، معاشي ، ثقافتي ۽ نفسياتي ويڙھ ۾ تاريخي حساب سان مجموعي طرح ڪوڙ وسيلن ۽  اقتدار جي بنياد تي سچ کي هميشه پس منظر ۾ رکي ، حقيقتون لڪائي ۽ دٻائي پنهنجو پاڻ کي  پيش منظر بڻائي ان جي بنياد تي پنهنجو شاهي راڄ هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي، پر اها به تاريخي حقيقت آهي ته سمورين حرفتن ۽ چالاڪين باوجود سچ پس منظر ۾ ڌڪجڻ باوجود به گهڻ طرفن محاذن تي ڪوڙ ، مڪر ۽ منافقي جو مقابلو ڪندي کڻي دير سان ئي سهي پر پيش منظر تي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ، ڪوڙ ، دوکي ، ٺڳي ، مڪر ۽ فراڊ کي ڊگهين صفاين (Clarifications) ، تاويلن ، تشريحن (Interpretations ) ۽ توجيحن (Justifications ) جي  خفي وارو بنڊ ڪلهن تي کڻڻ لاءِ مجبور ڪري وجهي ٿو.

جانچ ڪري ڏسبو ته دنيا جي تاريخ ۾ سياسي ، سماجي ، معاشي ، مذهبي توڙي تخليقي ادب  پس و پيش گهڻي ڀاڱي ٿورن ماڻهن  جي ڏاڍ مڙسي ۽ اقتدار جي بچاءُ ۾ ڏنل صفايون ، تاويلون ، تشريحون ۽ توجيحون  پيش ڪري اڪثريت کي مجهول ، غلام ۽ مظلوم رکڻ جي ڪوشش جو ئي هڪڙو عڪس آهي  ، جڏهن ته ساڳي وقت مظلومن ، غلامن ۽ پيڙهيل طبقي جي خير خواهن  طرفان ٽڙيل پکڙيل ، دٻايل ۽ لڪايل حقيقتن کي سربستو عوام سامهون آڻي حاڪمن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش به ادب جي ميدان ۾ دائمي تضاد جي حيثيت سان انهن ڪوڙين صفاين ، تاويلن ، ترجيحن ، تشريحن ۽ توجيحن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي انقلابي عوام دوست ادب تخليق ڪندي نظر ايندي.

اها ويڙھ سماجي ارتقا جي ڊگهي سفر ۾ هر ڏاڪي تي ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ماٺي فطرت جي گهرج طور جدليات جي اصولن پٽاندڙ هميشه رهي آهي ۽ رهندي. اهو تضاد جيستائين سماجي صورتحال ۾ سماجي وجود جو حصو رهندو تيستائين سماجي شعور مان ان کي بلڪل ختم ڪرڻ يا ميساري ڇڏڻ ممڪن ناهي . ڀلي کڻي دنيا ۾ سماجي چڱ مڙسي جا رکوالا ڪوڙ ، مڪر ، منافقي ۽ ٺڳي جون ڪهڙيون به تدبيرون ڪن ۽  حڪمت عمليون جوڙين پر سچ ۽ حقيقت سان ويڙھه ۾ سندن فتح دائمي يا قطعي ٿي سگهي ئي نه ٿي.

ڀلي کڻي سماجي وجود جي اندر جي تضاد ختم ڪرڻ بجاءِ سماجي شعور جي تضاد کي پاسيرو ۽ ڪنڊائتو ڪرڻ لاءِ  يوناني فلسفا ٻڌايا وڃن ، يا هني بال ، سڪندر ، سن زو ، نيپولين ، چرچل ، هٽلر ، چنگيز ، هلاڪو ۽ روميل جون جنگي حڪمت عمليون اپنايون وڃن . اڃان به انهن سان ڪم نه هلي ته ڀلي ڪوتليه چانڪيه ۽ ميڪاولي کان مدد ورتي وڃي يا وري مورڳو پنهنجي بچاءُ ۾ ڪوڙي  پروپيگنڊه جو جديد هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ گوئبلز ۽ ڪيسينجر کان رهنمائي ورتي وڃي پر اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ کانپوءِ به جيتوڻيڪ پيش منظر ۾ ڪوڙ تي سندرو ٻڌي چڱو مڙس ته ٿي سگهي ٿو پر پس منظر ۾ سچ وارو تضاد مڪمل ختم ٿي نه سگهندو.

هي سموري ڳالھه ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن اسان سچ ۽ ڪوڙ جي دنيا ۾ سياسي، سماجي ۽  معاشي طرح رچايل راند کي ايترو سادو ۽ سولو نه سمجهون .

هن وقت به جيتوڻيڪ ڪوڙ ، پروپيگنڊه جي بنياد تي مڪر ۽ ٺڳي ڪيو معتبر ٿيو پيو هلي ۽ پنهنجو پاڻ کي سچ جي جاءِ تي طاقت ۽ اقتدار جو اڪيلو سرچشمو ۽ دعويدار پيو ڪوٺي ، پر ان جي پٺيان پس منظر ۾ حقيقي تضاد جي حيثيت ۾ سچ کي سمجهڻو پوندو. سچ کي سمجهڻ ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي ته سچ اسان جو آهي ، ڀلي کڻي دٻايل ، لڪايل ۽ پس منظر ۾ ئي ڇو نه هجي،  پر سماجي وجود ۾ تبديلي جو بنيادي سبب انهيءَ کي ئي بڻجڻو آهي.اسان جو سماجي شعور به ان سماجي وجود جي تضاد جو ئي نتيجو آهي. اسان جي فڪري ، نظرياتي ، سياسي ، سماجي ، ثقافتي ۽ معاشي پورهيي جي هار کٽ جو فيصلو به انهيءَ پس ۾ ويٺل سچ سان سلهاڙيل آهي . سولي ۽ سادي ٻولي ۾ ڳالھه ڪجي ته هر طبقاتي سماج جيان اسان جي سماج ۾ اسان جي پورهيت طبقي جي اڪثريت جو نصيب ۽ مقدر به انهي سچ سان جڙيل آهي . جيڪڏهن اسان وٽ ڪنهن به عوام دوست باشعور فرد ، اديب ، مفڪر ، سياستدان ، شاعر ، صحافي يا اهلِ علم ۽ اهلِ قلم جو فڪري ۽ نظرياتي ڪنيڪشن ان پس منظر ۾ ويٺل سچ سان وفاداري وارو ناهي ته پوءِ اسين خود ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ پيش منظر ۾ ڪيڏا به عوام دوست ۽ انسان دوست ڇو نه هجون ، پر سماجي پس منظر ڪوڙ ۽ ناحق سان ست سڱ جوڙڻ ڪري مثبت لفاظي سان رجعت پسند واري زندگي گذاريندڙ ٻهروپيا ڪردار بڻجي ويندا سون. اهو ئي اهو جيئڻ جو ڍنگ آهي ، جنهن کي مذهبي يا اخلاقي معنيٰ ۾ منافق ۽ انقلابي سائنس ۾ نقلي ترقي پسند يا رد انقلابي ڪوٺيو وڃي ٿو. لينن به اهڙن ماڻهن طرفان ڪيل پٽاڙ کي ”انقلابي لفاظي “ ڪوٺيو هو.

انهيءَ ڪري اسان مان جيڪو به ماڻهو اها دعويٰ ڪري ٿو ته هو رائج سماجي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ ۾ تاريخي طرح پنهنجو پاڻ کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پابند سمجهي ٿو ته پوءِ اهو پروپيگنڊھه جي بنياد تي سامهون ايندڙ خبر يا سماج ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي جي بنياد تي جوڙيل پيش منظر جي پٺيان پس منظر ۾ بيٺل سچ کي نه صرف پرکڻ جي صلاحيت پيدا ڪري،  پر ان سان گڏ بيهڻ ۽ ان کي پيش منظر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اهل بڻجڻ جي سنجيدھ ڪوشش ڪري .

سماج جي تبديلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ واري وهنوار ۾ سادگي يا جهالت جي گنجائش نه هوندي آهي. اها ڳالھه اسان سڀني کي سمجهڻي ۽ سمجهائڻي پوندي ته اسٽيج تي جيڪو ڪجھه آهي ، اهو سڀ ڪجھه سچ ناهي ، سچ ان اسٽيج جي پٺيان آهي ، جنهن اسٽيج سجائي آهي . پردي تي سامهون آيل فلم نقلي هوندي آهي ، اصلي فلم ته پردي جي پٺيان ٺهندي آهي . ڪو فلم جي ڪهاڻي ٺاهيندو  آهي ، ڪو اداڪارن جي چونڊ ڪندو آهي ، ڪو اداڪارن جي ڪردارن جي چونڊ ڪندو آهي ، ڪو اداڪارن جي مڪالمن (Dialogues) جي چونڊ ڪندو آهي ، ڪو هدايتون ڏيندو آهي ته ڪو هار سينگار ۽ ويس وڳا ڪرائيندو آهي .جيتوڻيڪ اهي سڀ پردي تي نه هوندا آهن ، پر اهي ئي فلم سان لاڳاپيل اصل حقيقت هوندا آهن .

اخبار ۽ ٽي وي تي آيل خبر به اها هوندي آهي ، جيڪا اخبار يا ٽي وي تي پيش ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي آهي . اصل خبر ته ان شايع يا نشر ٿيل خبر جي پٺيان روڪيل ۽ لڪايل هوندي آهي. اسان ته رڳو اها خبر ٻڌي ۽ پڙهي ته فردوس عاشق اعواڻ  کي فارغ ڪري ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي مقرر ڪيو ويو . پر اها ته اها خبر آهي جيڪا ڏني وئي ، اصل خبر ته مقرري ۽ بدلي جي پٺيان مقصدن ۽ سببن جي صورت ۾ پس منظر لڪل رهي. ساڳي طرح سان اسان کي رڳو اهو ٻڌايو ويو ته واپڊا جو چيئرمين بدلي ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي متاري ماڻهو کي رکيو ويو آهي. اها به خبر هڪ طرفي آهي ، جيڪا ٻڌائڻ لاءِ ڏني وئي ، پر اهو نه ٻڌايو ويو ته انهن مقررين ۽ بدلين ڪرڻ وارا ڪير هئا ۽ انهن ڪهڙن مقصدن ۽ مفادن جي حاصلات لاءِ مٿا ڪُٽ ڪرڻ کانپوءِ اهي فيصلا ڪيا.  ٿورو غور ڪبو ته اصل خبر ته اها هئي جيڪا ٻڌائي ئي نه وئي . ائين ئي ميڊيا ۾ آيل چوويھ ڪلاڪ خبرون اهي هونديون آهن ، جيڪي خبر طور ٻڌائڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن ، پر انهن خبرن جون اصل حقيقتون پس منظر ۾ رکيون وينديون آهن. فردوس عاشق اعواڻ کڻي وبا جي حوالي سان ٺيڪ انداز سان پر فارم نه ڪيو ته ان جي جاءِ تي ايندڙ همراھه کي وبا جي حوالي سان وڌيڪ مثبت انداز ۾ پرفارم ڪرڻ کپندو هو ، پر جڏهن بدلي ۽ مقرري جو وبا جي حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ سان هيو ئي ڪونه ، پوءِ ڪردار جو سوال ته غير لاڳاپيل (Irrelevant ) بڻجي وڃي ٿو. چند ڏينهن رکڻ کانپوءِ جڏهن ڀاشا ڊيم اڏڻ جي ڳالھه ٿي ته نئين آيل همراھ جي اصل ڪردار (Performance ) جي به خبر پئجي وئي ته تبديلي جي سبب واري لڪايل خبر به اڳيان اچي وئي . شايد ڪجھه وقت کان پوءِ واپڊا جي نئين مقرر ٿيل سربراھه جي ڪارڪردگي (Performance) به اڳيان اچي وڃي ۽ ان سان گڏ ان جي تقرري توڙي ڪردار جي نسبت به اڳين تقرري ۽ ڪردار سان اڳيان اچي.

جيستائين اسين ڇپيل ۽ نشر ٿيل خبرن جي پٺيان اڻ ڇپيل ۽ نشر نه ٿيل خبرن کي جانچي هٿ ڪرڻ ، پيش منظر جي پٺيان لڪل پس منظر ۾ موجود سچ کي پرکڻ جي سمجھه، اهليت ۽ سگهه پيدا نه ڪندا سون تيستائين اسان جا فڪري، سياسي، سماجي، قومي، معاشي، اخلاقي، ثقافتي ۽ تاريخي تجزيا سطحيت جو شڪار رهندا، جن ۾ نه حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي خوبي پيدا ٿي سگهندي ۽ نه ئي تبديلي جو بنياد بڻجڻ وارو ڪارج جڙي سگهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.