ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۽ حڪومت جي مستقبل جو سوال 

علي ٿهيم

شگر اسڪينڊل رپورٽ اچڻ کان پوءِ اها ڳالھه آڏو آئي ته هي وڏا وڏا سرمائيدار ڪينئن نه صفائي سان هڪ ئي ڌڪ ۾ سئو سئو ارب روپيا ڪمائي وٺندا آهن ، انهن رپورٽن جو ڀلي اڄ ڪو اثر نه به ٿئي ملڪ جي انهن چوٽي جي سرمائيدارن کي ڪجھه به نه ٿئي پر اڄ قوم کي اها خبر پئجي چڪي آهي ته هي با اثر سرمائيدار ڪينئن نه گڏجي قوم جي کل لاهيندا آهن ، هاڻي ته اهي ڳالهيون به سامهون اچي رهيون آهن ته شگر مافيا حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جي به طاقت رکي ٿي ، ۽ مزي جي ڳالھ ته ملڪ ۾ ڀلي حڪومت ڪنهن جي به هجي شگر ملن جي مالڪن جو تعلق ڪهڙي به پارٽي سان هجي ، اهي هڪ ٻئي خلاف دنيا جهان جا الزام هڻندا پر انهن ڪڏهن به کنڊ جي مسئلي شگر ملن جي ذيادتين خلاف آواز نه اٿاريو هوندو ،

شيخ رشيد چوندو آهي ته مون کنڊ واري مسئلي تي آواز اٿاريو ته بيجنگ دوري دوران هڪ کنڊ مافيا مونکي چپ رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ، شيخ رشيد جهڙو با اثر سياستدان اڄ ڏينهن تائين ان ڌمڪيون ڏيندڙ شخص جو نالو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ، مطلب ته شگر مل مالڪان کنڊ واري اشوز تي گڏ هوندا آهن ۽ هر دور ۾ گڏجي سڏجي هڪ پاسي زميندارن کي سرڪاري طور مقرر ڪيل اگھ نه ڏيندا آهن ، ڪمند جي ٽرڪن ٽرالين تي ڳرا ڪڻتا هڻندا آهن ، ڪمند جي جنسن کي خراب ڄاڻائي زميندارن جو ڪمند واپس ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندا آهن ، ان کان پوءِ آخر ۾ ڪمند جون ادائگيون روڪي کين رلائيندا آهن ، جڏهن ته انهن شگر ملن جي تنظيم آل پاڪستان شگر مل ايسوسيئشن ۾ سڀئي گڏجي ويهندا آهن، ان وقت ڇاجي پ پ پ ڇاجي ن ليگ ڇاجي ق ليگ ڇاجي پي ٽي آءِ ، ان ايسوسيئيشن جي گڏجاڻين ۾ سمورا ڀائي ڀائي هوندا آهن ، هن وقت موجودا حڪومت پاران شگر ملن خلاف انڪوائري ڪرائي آهي ان انڪوائري رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪوبه شگر مل مالڪ ان رپورٽ کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ، سڀني پارٽين توڙي شگر مل مالڪن پاران پاڻ کي معصوم قرار ڏيڻ لاءِ حڪومتي رپورٽ کي رد ڪري رهيا آهن.

شگر اسڪينڊل اچڻ کان پوءِ محسوس ائين پيو ٿئي ته باقي رپورٽون آڻڻ لاءِ حڪومت سنجيدا آهي ، آئي پي پيز اسڪينڊل ۽ هندستان مان دوائون گهرائڻ وارا اسڪينڊل ته گردش هيٺ آهن ، پر تازو هڪ نئين اسڪينڊل جي بازگشت به ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي اهو اسڪينڊل آهي ، ٻاهرين ملڪن کان مختلف اسڪيمن جي نالي تي قرض کڻڻ آهي ، چيو پيو وڃي ته اهو اسڪينڊل به ميگا اسڪينڊل ثابت ٿي سگهي ٿو ، هن اسڪينڊل بابت چيو پيو وڃي ته پاڪستان جي مختلف حڪومتي دورن ۾ ملڪ جي مختلف ميگا پراجيڪٽس لاءِ قرض ورتا ويا هئا ، اهي قرض مختلف حڪومتي دورن ۾ ورتا ويا هئا ، حڪومت اها به انڪوائري ڪرائڻ پئي وڃي ته ڪنهن ڪيترو قرض وٺي ڪهڙا پراجيڪٽ شروع ڪيا انهن منصوبن ۾ مبينا طور تي ڪنهن ڪنهن ڪميشنون کاڌيون ، چون ٿا ته انڪوائرين لاءِ اعلانيل باقي ٽي اسڪينڊل سامهون آيا ته قوم شگر اسڪينڊل کي وساري ڇڏيندي،

مطلب شگر اسڪينڊل انهن اسڪينڊلن سامهون ڪجھه به نه آهي ، هن وقت انهن اسڪينڊلن جي سامهون اچڻ کان پوءِ جتي ملڪ جي شگر ملن جا ڌڻي جن جا ملڪ جي سياست ۾ به پير پختا آهن اهي هڪ پيج تي نظر اچي رهيا آهن ، ڀلي هو اڃا اي آئي جي رپورٽ کي الڳ الڳ طور تي رد پيا ڪن پر خيال سڀني جا هڪجهڙا آهن ته هن اسڪينڊل مان پاڻ کي ڪيئن بچائجي، اهو به خيال ڪيو پيو وڃي ته ملڪ جا هي با اثر ترين سرمائيدار ۽ سياستدان هڪ مقطي يعني حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ گڏجي سگهن ٿا ، مثال طور جهانگير ترين جيڪو وزيراعظم عمران خان جو ساڄو هٿ تصور ڪيو ويندو هو اهو هڪدم وزيراعظم لاءِ اوپرو بڻجي چڪو آهي ۽ هن وقت ظاهري طور تي هو اڪيلو آهي ، پر هو تمام گهڻو مطمعن نظر پيو اچي سندس چهري تي پريشاني جا ڪي به آثار نظر نه پيا اچن ، اهو ان ڪري جو جهانگير ترين اگر سرڪاري پارٽي کان الڳ ٿيو آهي ته شگر اسڪينڊل کان پوءِ تمام وڏين پارٽين جي ليڊر شپ تي ساڳيا الزام لڳا آهن ۽ هو اگر هڪڙي پارٽي کان الڳ ٿيو آهي ته کيس ملڪ جي وڏين پارٽين جو سهارو ملي سگهي ٿو ، ڇوته شگر اسڪينڊل مان جان ڇڏائڻ لاءِ سموريون پارٽيون هڪ پيج تي آهن.

شگر اسڪينڊل کان پوءِ اگر باقي اسڪينڊلن جون رپورٽون به اچڻ شروع ٿيون ته پوءِ ڦڙي ڦڙي گڏجي درياهه بڻجي سگهي ٿو ، ان وچ ۾هڪ ٽي وي چينل تي هڪ سينئر صحافي انڪشاف ڪيو ته عيد کان پوءِ مسلم ليگ ن حڪومت خلاف ڪو محاذ کولي سگهي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ مريم نواز پاران پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي تيار رهڻ جو به اشارو ڏنو ويو آهي ، خيال ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن مريم نواز حڪومت مخالف ڪو محاذ کوليو ته مولانا فضل الرحمان ، محمود خان اچڪزئي به ساڻس گڏجي سگهن ٿا مولانا فضل الرحمان ته اڳ ئي عيد کان پوءِ حڪومت خلاف ڪو محاذ کولڻ جا اشارا ڏيئي چڪو آهي. چون ٿا ته مسلم ليگ ن جي قيادت پاران مڪمل طور تي خاموشي اختيار ڪرڻ جي ڪري مسلم ليگ ن ۾ ٽيون ڌڙو ٺھڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن جنهن جي ڪري مريم نواز پاران پارٽي کي ليڊ ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي ، فرض ٿا ڪريون ته جيڪڏهن مريم نواز پاران ڪا حڪومت مخالف فضا ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته جتي حڪومت مخالف پارٽيون هڪ پيج تي اچي سگهن ٿيون اتي شگر اسڪينڊل ۾ ڦاٿل ملڪ جا با اثر سرمائيدار به ان امڪاني حڪومت مخالف تحريڪ ۾ ظاهري يا پردي جي پٺيان وارو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

وزيراعظم عمران خان هڪدم جوش ۾ اچي ميگا ڪرپشن جا اسڪينڊل هڪ ئي وقت تي ظاهر ڪرڻ شروع ڪري يقينن پنهنجي اقتدار کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي اهو ان ڪري جو کنڊ اسڪينڊل ۾ مونس الاهي جو نالو اچڻ کان سواء چوڌري ڀائرن خلاف هڪ پراڻو ڪيس کلڻ جي ڪري چوڌري عملي طور پي ٽي آءِ جي حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿي چڪا آهن ، شگر اسڪينڊل سامهون اچڻ کان پوءِ جهانگير ترين پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن ، جهانگير ترين ڀلي ڪنهن حڪومتي عهدي تي نه آهي پر مرڪزي ۽ پنجاب حڪومت ۾ سندس لابي ۾ ڪافي اسيمبلي ميمبر ٻڌايا پيا وڃن ، جهانگير ترين لابي جا سڀ ميمبر نه سهي ڪجهھ ميمبر به الڳ ٿيا ته هن حڪومت کي ڪرڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو ، ان هوندي به وزيراعظم شگر اسڪينڊل کان پوءِ پوئتي رهيل ٻين اسڪينڊلن کي به بي نقاب ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو آهي،

هاڻي هتي ٻه سوال پيدا ٿين ٿا هڪ اهو ته ٿي سگهي ٿو عمران خان پاڻ کي سياسي شهيد ڪرائڻ ٿو چاهي ته جينئن عوام ۾ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪري پنهنجي سياسي قوت کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري، يا اهو ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي خاطري ڪرائي ويئي آهي ته تون ڇڪي رک تنهنجي حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي ، ملڪي سياست جي مستقبل لاءِ ايندڙ ڏينهن تمام گهڻي اهميت وارا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.