عيد جي حوالي سان فواد چوڌري جي دعويٰ غلط ثابت ٿي وئي…!

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو ۽ اتي عيدالفطر 25 مئي تي ملهائي ويندي.

بنگلاديش جي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته ڇنڇر ڏينهن چنڊ ڏسجڻ جون ڪي به شاهديون ناهن مليون، تنهن ڪري عيدالفطر سومر تي ملهائي ويندي.

واضح رهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ اڄ شوال جو چنڊ نظر ايندو ۽ سڀاڻي عيد ٿيندي.

فواد چوڌري جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن 24 مئي تي عيد نه ٿي ته پاڪستان 25 مئي تي عيد ملهائيندڙ دنيا جو واحد مسلم ملڪ هوندو پر بنگلاديش مان چنڊ نظر نه اچڻ جي خبر کانپوءِ فواد چوڌري جي دعويٰ غلط ثابت ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.