آمريڪي صدر عبادتگاهون کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چرچن ۽ ٻين عبادتگاهن کي لازمي قرار ڏيندي انهن کي کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياستن جي گورنرن کي چيو آهي ته ويڪ اينڊ کان عبادتگاهون کي کوليو وڃي پر اهو واضح ناهي ته ڪيتريون رياستون صدر جي ان مطالبي تي عمل ڪنديون، ڇو ته ڪيترين ئي رياستن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ گهٽتائي ناهي ٿي.

اقتصادي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوشش آهي ته آمريڪا ۾ بزنس سيڪٽر کي کوليو وڃي پر آمريڪا ۾ ڪيترائي حلقا اهڙا آهن، جيڪي ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ نرمي تي سخت خدشن جو اظهار ڪن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.