شوگر ملز ايسوسيئيشن کنڊ بحران تي ڪميشن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن کنڊ بحران تي شوگر ڪميشن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي.

شوگر ملز ايسوسيئيشن ڪميشن تي حقيقتون ڊاهڻ جو الزام هڻندي چيو اهي ته ڪميشن ڪميٽي وانگر ئي غلطيون ڪيون ۽ فرانزڪ آڊٽ تي ٻڌل رپورٽ به انهن ئي ماڻهن ئي ٺاهي، جيڪي جاچ ڪميٽي ۾ به شامل هئا.

شوگر ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڪميشن جاچ دوران اسان جون تجويزون نظرانداز ڪيون ۽ مارڪيٽ فورسز جو ڪردار نظرانداز ڪيو ويو، جڏهن ته کنڊ جي طلب ۽ پهچ کي به رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو.

شوگر ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته ڪمند ۽ ڪرشنگ جي فرق کي ڊبل بڪس جو الزام ڏنو ويو، جيتوڻيڪ اهو معاملو ڳُڙ جي پيداوار سان آهي، جڏهن ته ڪميشن کنڊ جي پيداواري لاڳت گهٽ ظاهر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

شوگر ملز ايسوسيئيشن چيو آهي ته کنڊ بحران جي جاچ ڪندڙ ڪميشن کي کنڊ جي ڪاروبار ۽ ان جي اڪائونٽنگ جو ڪو تجربو نه هو، جڏهن ته انهن کي کنڊ سيڪٽر ۽ ڪمند جي پروڪيورمنٽ ۽ ڪرشنگ جي زميني حقيقتن جي باري ۾ به ڪو علم ناهي.

ڪميشن جي ٻڌايل پيداواري لاڳت ماڊل جي حوالي سان ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اهڙي ريت ڪو ڪاروبار نٿو هلي سگهي.

شوگر ملز ايسوسيئيشن پاڻ تي سٽي ۽ بنا نالي جي لڳايل الزامن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.