جهاز حادثي جي جاچ ٽيم طرفان واقعي واري هنڌ جو معائنو، اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ لاءِ جوڙيل 4 رڪني ٽيم واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا.

جاچ ٽيم جي سربراهي ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ (اي اي آءِ بي) جو صدر ايئر ڪموڊور عثمان غني ڪري رهيو آهي.

جاچ ٽيم حادثي واري هنڌ جو دورو ڪيو آهي، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن پاڪستان ايئر لائنز پائلٽس ايسوسيئيشن (پالپا) جاچ ڪميٽي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

پالپا جنرل سيڪريٽري عمران ناريجي موجب ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ بدران قابل بورڊ جوڙيو وڃي، جنهن ۾ پالپا، انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ايئر لائن پائلٽس ايسوسيئيشن کي به شامل ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته پالپا جي شموليت کانسواءِ انڪوائري قبول نه ڪئي ويندي، جڏهن ته پائلٽ ريسڪيو اڏامون جاري رکندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.