جهاز حادثي ۾ معجزاڻي طور بچي ويل محمد زبير ڇا ٿو چئي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي جهاز سان پيش آيل حادثي ۾ بچي ويل محمد زبير جو بيان سامهون اچي ويو.

ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ آبادي تي ڪِرندڙ پي آءِ اي جي جهاز ۾ محمد زبير به موجود هو، جيڪو معجزاڻي طور بچي ويو.

اسپتال ۾ موجود محمد زبير صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جهاز ۾ سڀ سڪون سان ويٺا هئا ۽ لينڊنگ جي تياري ڪئي پئي وئي، جهاز جيستائين عمارتن سان نه لڳو، تيستائين ڪا خرابي محسوس نه ٿي پر اوچتو جهاز سان حادثو پيش اچي ويو.

هن ٻڌايو ته مان اٺين سيٽ تي ويٺو هيس، اوچتو پَٽَ تي ڪِري پيس، جنهن کانپوءِ رڙين جو آواز اچڻ شروع ٿيو، مان هوش ۾ هيس ۽ هڪ لوهي راڊ کي هٿ وڌو، اها ايڏي گرم هئي جو منهنجا هٿ سڙي پيا.

سندس چوڻ هو ته روشني نظر اچڻ تي مون کي ٻاهر جو رستو نظر آيو، مان فوٽ اوچائي تان جهاز مان ٽپو ڏنو، جنهن سان منهنجي پير ۾ فريڪچر ٿي پيو، خوش قسمتي سان زندگي بچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.