پنجاب جي توانائي واري وزير ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي.

ڊاڪٽر اختر ملڪ ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي تصديق ڪئي.

صوبائي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر اختر ملڪ عوام کي جلد صحتيابي لاءِ دعا جي گهر ڪئي آهي.

ترجمان موجب اختر ملڪ پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽن جو نتيجو به جلد اچي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.