ڪراچي: سمنڊ تي تفريح ۽ وهنجڻ تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر سمنڊ تي تفريح ۽ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

ڪمشنر آفيس ڪراچي مان جاري نوٽيفڪيشن موجب اها پابندي قلم 144 تحت ٻن مهينن لاءِ لڳائي وئي آهي.

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي جو چوڻ آهي ته پابندي 22 جولاءِ تائين لاڳو رهندي، ان دوران شهري سمنڊ تي وڃڻ کان پاسو ڪن.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب سنڌ جي گهرو کاتي طرفان موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي اڳ ئي پابندي لاڳو ڪيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.