”نقصان جو ازالو پي آءِ اي کي ڪرڻ گهرجي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته جهاز حادثي ۾ فوتي 97 ڄڻن جا ڊي اين اي لاءِ نمونا ورتا ويا آهن ۽ نتيجا اچڻ ۾ 21 ڏينهن لڳندا.

ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ ترجمان مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته جهاز حادثي ۾ 97 ڄڻا فوت ٿيا ۽ 2 ڄڻا بچي ويا آهن، هڪ زخمي سول ۽ ٻيو دارالصحت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، حادثي کانپوءِ 66 مڙهه جناح ۽ 31 سول اسپتال پهچايا ويا، جن ۾ 68 مرد، 26 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن، هيل تائين 19 لاش سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته سڀني فوتين جي ڊي اين لاءِ نمونا ورتا ويا آهن، 47 وارثن پنهنجي ڊي اين اي لاءِ نمونا جمع ڪرايا، ڊي اين اي جا نتيجا اچڻ ۾ 21 ڏينهن لڳندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ڊي اين اي تي گورنر صاحب جي لاعلمي آهي، اسان اعليٰ معيار جي ليبارٽري تيار ڪئي آهي ۽ سموريون ڊي اين اي ٽيسٽون ڪراچي يونيورسٽي جي ليب ۾ ٿينديون.

ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته جهاز حادثي ۾ 19 گهر متاثر ٿيا، 10 گاڏيون ۽ 3 موٽر سائيڪلون به متاثر ٿيون، حادثي ۾ مسافر فوت ٿيا پر 6 علائقي واسي زخمي ٿيا آهن، متاثر ٿيندڙن گهرن جي 16 ڄڻن کي مقامي هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته فائر برگيڊ، ڪراچي جي ميئر، ڇيپا، ايڌي، سول ۽ عسڪري ادارن گڏجي ڪم ڪيو، حادثي کانپوءِ اخلاقي ۽ قانوني ذميواري پي آءِ تي لاڳو ٿئي ٿئي ۽ پي آءِ اي کي نقصان جو ازالو به ڪرڻ گهرجي.

هن عوام کي اپيل ڪئي ته موجوده حالتن ۾ سادگيءَ سان عيد ملهائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.