پي آءِ اي جهاز حادثو، انسپيڪشن رپورٽ ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي جهاز حادثي جي انسپيڪشن رپورٽ ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا.

پي آءِ اي جي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام پي ڪي 8303 سان حادثي جي جاچ جاري آهي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ايئر سائيڊ شعبي رن وي جي انسپيڪشن رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ نوان انڪشاف سامهون آيا آهن.

ذريعن موجب ڪپتان جهاز کي لينڊ ڪرائڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي، پهريون ڀيرو رن تي تي لاهڻ جي ڪوشش دوران جهاز جا لينڊنگ گيئر بند هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين لينڊنگ جي ڪوشش ۾ ڦيٿا نه کليا ۽ ان ناڪام ڪوشش ۾ جهاز جي انجڻ رن وي سان ٽڪرائجي وئي، ڪپتان ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ناڪام ٿيو ۽ رن وي سان جهاز جي انجڻ ٽڪرائجڻ سبب چڻنگون نڪتيون.

جهاز جي انجڻ رن وي سان ٽڪرائجڻ تي چڻنگون نڪرڻ سبب ڪپتان جهاز کي گو رائونڊ (ٻيهر چڪر) ڪرايو.

جهاز جي انجڻ تي رن وي سان ٽڪرائجڻ سبب رهڙجڻ جا نشان آهن ۽ امڪان آهي ته جهاز رن وي کي ٽچ ڪرڻ وقت انجڻ ۾ باهه لڳي وئي ۽ رن وي تي گَسڻ سبب انجڻين ۾ امڪاني خرابي پيدا ٿي.

ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي 9 کان 10 هزار فوٽ ڊگهي آهي، جنهن تي 6 هزار کان 7 هزار فوٽن تي ٻنهي انجڻين جا نشان آهن، جهاز جي کاٻي انجڻ رن وي تي 4500 فٽ اڳتي وڃي ٽچ ڪيو، پوءِ 5500 فوٽ پري وڃي ساڄي انجڻ به زمين کي ٽچ ڪيو.

ذريعن موجب جهاز جي بيلي رن وي کي ٽچ نه ڪيو، جنهن سبب ڪپتان جهاز کي ٻيهر ٽيڪ آف ڪيو، ٽيڪ آف ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر لينڊنگ جي ڪوشش ۾ جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو.

اي ٿري 20 جهڙو جهاز هڪ انجڻ تي به 10 فوٽن تائين اڳتي وڃي سگهي ٿو پر غير معمولي صورتحال سبب جهاز ٻن فوٽن جي اوچائي تي به نه پهچي سگهيو.

ڪپتان لينڊنگ وقت اي ٽي سي کي هنگامي لينڊنگ جو اطلاع نه ڏنو، ايمرجنسي لينڊنگ جي صورت ۾ رن وي تي فوم وڇايو ويندو آهي پر ڪپتان جي لينڊنگ جي هڪ ڪوشش کان ٻي ڪوشش دوران رن وي تي فوم به نه وڇايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.