جهاز حادثي ۾ گلبهار واسي سڄو خاندان اجڙي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جهاز حادثي ۾ گلبهار جو رهواسي سڄو خاندان اجڙي ويو، جڏهن ته بهادرآباد جو پيءُ پٽ به بدقسمت جهاز ۾ حادثي جو شڪار ٿيا.

ڪراچي جي علائقي وحيدآباد گلبهار جو وقاص ۽ سندس گهرڀاتي به پي آءِ اي جي جهاز ۾ سوار هئا، جن جي وارثن وقاص، سندس گهرواري جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٻارن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي ڪئي ويندي.

وارثن موجب وقاص جي ٻنهي ٻارن عاليان ۽ آئما جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، وقاص ۽ سندس گهرواري ملازمت لاءِ هڪ سال کان لاهور ۾ رهندڙ هئا.

هوڏانهن جهاز حادثي ۾ بهادرآباد جا رهواسي پيءُ پٽ به موجود هئا، جيڪي ڪراچي اچي رهيا هئا.

جهاز ۾ سوار سليم قادري جي ملازم ٻڌايو ته هو ڪاروباري سلسلي ۾ لاهور ويو هو، ان سان گڏ سندس پٽ اساما به فوت ٿي ويو آهي.

وارثن جو چوڻ هو ته اڃا تائين سليم قادري ۽ سندس پٽ جي لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.