”جهاز حادثي جو مون سميت جيڪو به ذميوار هوندو، ان جو احتساب ٿيندو“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ارشد ملڪ چيو آهي ته جهاز حادثي ۾ مون سميت جيڪو به ذميوار ثابت ٿيو، ان جو احتساب ٿيندو.

ڪراچي ۾ هوا بازي واري وفاقي غلام سرور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ايئر لائنز جي سي اي او ارشد ملڪ چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن مان 21 جا مڙهه سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، 96 مسافرن جي ڊي اين اي لاءِ نمونا ورتا ويا آهن، جنهن لاءِ لاهور مان خاص ٽيم کي گهرائي ڪراچي يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ڊي اين اي ميچ ڪري سڃاڻپ ڪري سگهجي.

هن ٻڌايو ته حادثي ۾ متاثر ٿيندڙن جي سئو سيڪڙو وارثن سان رابطو ٿي چڪو آهي، جيئن ئي ڊي اين اي ميچ ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿيندو، اسان مڙهه حوالي ڪرڻ جو عمل شروع ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته حڪومت حادثي جي جاچ لاءِ ايئر ڪرافٽ انويسٽيگيشن بورڊ جي ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جنهن پنهنجي پوزيشن سنڀالي ورتي آهي، هاڻ جاچ سان منهنجو رڳو اهو واسطو آهي ته جيڪا ڄاڻ ۽ دستاويز گهريا وڃن، اهي ڏيڻ جو پابند نه ته منهنجو جاچ سان ڪو واسطو ناهي، اداري جي سربراهه جي حيثيت سان مون سميت جيڪو به ذميوار ثابت ٿيو، ضمانت سان کين نه رڳو احتساب لاءِ پيش ڪندس پر مڪمل ۽ شفاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ارشد ملڪ ٻڌايو ته اسان جو ايمرجنسي رسپونس سينٽر ايندڙ 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ کليل رهندو، اسان جي ٽيم جو ايندڙ مرحلو وارثن کي معاوضي جي رقم ادا ڪرڻ آهي، پئسو انهن جي نقصان جو ازالو نٿو ڪري سگهي پر قانونن موجب معاوضو ڏنو ويندو.

ان موقعي تي وفاقي وزير غلام سرور چيو ته افسوسناڪ حادثي تي متاثرن سان ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، سڀ کان وڏو معاوضو ڏيندڙ الله جي ذات آهي، جيڪا ڏک گهٽ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ جلد کان جلد حقيقتون سامهون آڻڻ جي توفيق ڏئي.

هن چيو ته هي وڏو افسوسناڪ واقعو آهي، ڀلاري مهيني جو آخري ڏهاڪو آهي، عيد ويجهو آهي، ماڻهو پنهنجي پيارن سان ملڻ لاءِ اچي رهيا هئا، متاثرن لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيون، اهو گهٽ آهي، ڪنهن به معاوضي به ازالو نٿو ڪري سگهجي پر روايتي طور تي 5 لک رپيا ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي 10 لک ڏنا ويندا.

سندس چوڻ هو ته جهاز شهري آبادي تي ڪِريو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر تباهه ٿيا، متاثرن کي معاوضو ڏينداسين يا وري تباهه ٿيل گهر ٺهرائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.