جهاز حادثو: متاثر علائقي ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ 3 ڇوڪريون به زخمي، ٻن جي حالت نازڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ پيش آيل جهاز حادثي جي نتيجي ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ 3 ڇوڪريون به سخت زخمي ٿي پيون.

ذريعن موجب ماڊل ڪالوني ۾ جهاز ڪرڻ سان جن گهرن کي نقصان پهتو، انهن ۾ ڪم ڪندڙ 3 ڇوڪريون به سڙي زخمي ٿي پيون، جيڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن ۽ انهن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حدن ملير ڄام کنڊو ڳوٺ جي خاصخيلي پاڙي سان واسطو رکندڙ نازيا ڌيءُ قادر بخش خاصخيلي، عزيزا ڌيءُ الله ورايو خاصخيلي ۽ ماريا ڌيءُ خميسو خاصخيلي ماڊل ڪالوني جي انهن گهرن ۾ ڪم ڪنديون آهن، جن تي جهاز ڪِريو.

زخمي ٿيل ڇوڪرين جي علائقي جي سوشل ورڪر رشيدا جو چوڻ هو ته ٽئي ڇوڪريون ٻين عورتن سان گڏجي گهرن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ صبح سوير ڳوٺ کان وينديون ۽ شام جو موٽنديون هيون، گذريل ڏينهن ٻي وڳي ٻه ڇوڪرين ڪم ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ گهٽي ۾ کٽ تي ويهي ٽين ڇوڪري جو انتظار ڪري رهيون هيون ته اوچتو جهاز ڪِري پيو.

هن ٻڌايو ته ٽنهي ڇوڪرين کي جناح اسپتال نيو ويو، جتان کين سول اسپتال جي برنس سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻن ڇوڪرين جي جسم جو وڏو حصو سڙيل آهي ۽ انهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.