”اسان معجزي جا منتظر آهيون“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن حادثي جو شڪار ٿيل پي آءِ اي جي بدقسمت جهاز ۾ پاڪستاني فيشن انڊسٽري جي سپر ماڊل رازا عابد به موجود هئي، جنهن جي وڇوڙي شوبز ستارن کي وڏو صدمو پهچايو آهي.

پي آءِ اي جي تباهه ٿيل اڏام ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 7 ميمبر شامل هئا، جڏهن ته هيل تائين حادثي ۾ 97 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

ريسڪيو اختيارين طرفان سڄي رات لاش ڪڍڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ 97 لاش ڪڍيا ويا آهن، جن مان رڳو 16 جي سڃاڻپ ناهي آهي، باقي 50 لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

قومي ايئر لائن جي ان بدنصيب جهاز ۾ پاڪستاني فيشن انڊسٽري جي مشهور ۽ من موهڻي ماڊل زارا عابد به موجود هئي، جيڪا هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهي.

زارا جي لاڏاڻي تي شوبز ستارن کي سخت صدمو رسيو آهي ۽ ماڊل جا ويجها دوست سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن.

عبير پنهنجي ويجهي دوست زارا عابد سان گڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تو مون کي ٽوڙي ڇڏيو، ان تي مٿيرا ڪمينٽ ڪيو ته ”ڪاش ڪو معجزو ٿئي ها ۽ اهي زارا کي ڳولي وٺن ها“.

فوتي ماڊل جي ويجهي دوست ۽ اسٽائلسٽ کوجي به ڪمينٽ ڪيو ته ”الله اسان معجزي جو انتظار ڪري رهيا آهيون“.

فيشن انڊسٽري جي ناليواري شخصيت فريحا الطاف ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته ”زارا عابد شوٽ جي سلسلي ۾ لاهور آئي هئي ۽ ان ئي دوران سندس چاچو لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سبب هن کي لاهور مان واپس وڃڻو پيو، زارا جو اهڙي ريت وڇوڙو فيشن انڊسٽري لاءِ هڪ وڏو خال آهي“.

مشهور ڊزائينر نومي انصاري به هڪ ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن ماڊل زارا عابد سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”گذريل رمضان ۾ هن ئي ڏينهن اسان گڏ افطاري ڪئي هئي، هي وڏو تڪليف ڏيندڙ لمحو آهي“.

پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي مشهور ترين ماڊل آمنا الياس به ساٿي ماڊل زارا عابد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”منهنجي ساٿي، مان جنهن کي ڏاڍو پسند ڪندي هيس، هڪ خوبصورت ڇوڪري، مان جڏهن ته ان سان مليس ته هوءَ مسڪرائي ڀاڪُر پائيندي هئي“.

ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس وڌيڪ لکيو ته ”معجزي جا منتظر آهيون“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.