جهاز حادثي ۾ ڪو به علائقي واسي فوت نه ٿيڻ جي تصديق

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي تصديق ڪئي آهي ته جهاز حادثي ۾ جناح گارڊ جو ڪو رهواسي فوت ناهي ٿيو.

ڊي سي ڪورنگي موجب جهاز ماڊل ڪالوني جناح گارڊن جي بلاڪ اي ۽ آر ۾ ڪِريو، جنهن سان 19 گهرن کي نقصان پهتو، انهن مان ٻه گهر مڪمل طور سڙي ويا.

سندس چوڻ هو ته حادثي ۾ ڪالوني جو ڪو رهواسي فوت ناهي ٿيو، رڳو 3 عورتون زخمي ٿيون، جن کي اسپتال نيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته متاثر گهرن جي 16 رهواسين کي شاهراهه فيصل تي هڪ هوٽل ۾ ترسايو ويو آهي ۽ کين هر قسم جي سهولت ڏني وئي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي اڏام ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ کان ڪجهه دير اڳ ماڊل ڪالوني جناح گارڊن جي علائقي ۾ گهرن تي ڪِري پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسافر ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.