پي آءِ اي جو جهاز حادثي ۾ فوتين جي تدفين لاءِ 10-10 لک ڏيڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جهاز حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي تدفين لاءِ 10-10 رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پي آءِ اي ترجمان عبدالله خان موجب حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن جا مڙهه دفنائڻ لاءِ اداري جي قانونن موجب 5 لک رپيا ادا ڪيا ويندا آهن پر وزيراعظم جي خاص هدايتن تي تدفين لاءِ هر هڪ کي 10 لک رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته حادثي واري هنڌان سمورن لاشن کي ڪڍيو ويو آهي، تدفين جا خرچ پي آءِ اي جا ڊسٽرڪٽ مئنيجر پاڻ فوتين جي وارثن کي گهر وڃي ادا ڪندا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي اڏام سان پيش آيل خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 97 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.