ڪراچي: جهاز حادثي ۾ فوتين جو انگ 97 ٿي ويو، لاشن جي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي جهاز سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 97 ٿي ويو آهي، جڏهن ته رڳو 2 مسافر معجزاڻي طور محفوظ رهيا.

لاهور کان ڪراچي ايندڙ قومي ايئر لائن جي اڏام پي ڪي 8303 ايئرپورٽ ڀرسان آبادي تي ڪِري تباهه ٿي وئي هئي، جنهن ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 7 ميمبر سوار هئا.

صحت کاتو

صحت کاتي موجب 66 لاشن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 20 عورتون، 43 مرد ۽ 3 ٻار شامل آهن.

صحت اختيارين جو چوڻ هو ته سڀني لاءِ جو جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ 16 جي سڃاڻپ ڪئي وئي، جڏهن ته 50 لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

صحت کاتي ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ 31 لاش منتقل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 6 عورتون ۽ 25 مرد شامل آهن، جڏهن ته سول اسپتال ۾ رڳو 3 لاشن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي، ٻين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

ريسڪيو اختياريون

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته سول ۽ جناح اسپتال مان هاڻ لاشن کي ايڌي سردخاني سهراب ڳوٺ ۽ ايف ٽي سي ڇيپا سردخاني منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو اختيارين موجب ڊي اين اي لاءِ نمونا وٺڻ کانپوءِ سڀني لاشن کي منتقل ڪيو ويو ۽ لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

ماڊل ڪالوني ۾ پيش آيل حادثي ۾ فوتين ۽ زخمين جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ جهاز جو ملبو هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) به حادثي واري هنڌان 97 لاش ڪڍڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته رڳو ٻه مسافر محفوظ رهيا.

آءِ ايس پي آر موجب متاثر علائقي ۾ 25 گهرن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ متاثر گهرن جا رهواسي مختلف هنڌن تي رهن پيا.

نادرا

نادرا ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا مڙهه گهڻي ڀاڱي سڙيل آهن، جيڪي سڃاڻپ جوڳا ناهن.

ترجمان موجب 3 فوتين جي آڱوٺن جا ٿڏي تي نشان ورتا ويا، جنهن مان نادرا 2 لاشن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي.

پوليس اختياريون

هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ٽيم ۾ 3 فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن پر فوتين جي سڃاڻپ جو عمل ڊي اين اي ذريعي مڪمل ڪيو ويندو.

هن ٻڌايو ته ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي جنيد احمد ٽيم جي سربراهي ڪندو، ڊي ايس پي رستم سول اسپتال ۾ مقرر هوندو، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ ڊي ايس پي آفتاب عالم ڊيسڪ جي نگراني ڪندو.

ڊي سي ڪورنگي

ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي موجب جهاز ماڊل ڪالوني جناح گارڊن جي بلاڪ اي ۽ آر ۾ ڪِريو، جنهن سان 19 گهرن کي نقصان پهتو، انهن مان ٻه گهر مڪمل طور سڙي ويا.

سندس چوڻ هو ته حادثي ۾ ڪالوني جو ڪو رهواسي فوت ناهي ٿيو، رڳو 3 عورتون زخمي ٿيون، جن کي اسپتال نيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته متاثر گهرن جي 16 رهواسين کي شاهراهه فيصل تي هڪ هوٽل ۾ ترسايو ويو آهي ۽ کين هر قسم جي سهولت ڏني وئي آهي.

وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان جهاز حادثي جي فوري طور جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

وزيراعظم جاچ لاءِ منظوري ڏيندي چيو آهي ته ڪميٽي بنا دير جاچ جو عمل شروع ڪري.

هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته بنا دير حادثي جي شروعات ڪئي وڃي، ان لاءِ وفاقي حڪومت طرفان باضابطا طور منظوري جو انتظار نه ڪيو وڃي.

ان ڏس ۾ وزيراعظم آفيس لکت ۾ هدايتون ايوي ايشن سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن کي به موڪلي ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.