لاڙڪاڻي ڪاليج جي پرنسپال سميت ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڳوڻي ليگل ايڊوائيزر جي فرياد تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال سميت ٻن ڄڻن مٿان بوگس چيڪ ڏيڻ جي ايف آءِ آر داخل، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي. ان سلسلي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي اڳوڻي ليگل ايڊوائيزر آصف حسين چانڊيو جي فرياد تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر کيئو رام ۽ صفدر علي شيخ ٻن ڄڻن مٿان بوگس چيڪ ڏيڻ جي ايف آءِ آر شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي تي گناهه نمبر 2020/67 قلم 420, 489/F,34 PPC تحت داخل داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته مان سال 2015ع کان 2019ع تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو ليگل ايڊوائيزر هيس منهنجون يونيورسٽي ڏانهن 7 لک 34 هزار 560 روپين جو رهتون هيون يونيورسٽي جي اٽارني پاور ڊاڪٽر کيئو رام ۽ ڊاڪٽر صفدر علي شيخ 13 مئي تي ڀائيٽي شيراز احمد چانڊيو ۽ بشير احمد چانڊيو جي روبرو ڪمپيوٽر جو ٽائيپ ٿيل چيڪ نمبر 17725645 رقم 6 لک 25 هزار 660 روپيه نيشنل بئنڪ آف پاڪستان مين برانچ لاڙڪاڻي جو ڏنو ۽ اسان جي روبرو صحيحيون ڪري مون کي ڏنو جيڪو چيڪ مان پنهنجي خوشحالي مائيڪرو فنانس بئڪ ۾ اچي جمع ڪرايو جو 14 مئي تي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان بئنڪ اسڪوائر برانچ لاڙڪاڻي چيڪ تي ميمو هڻي واپس ڪيو جيڪو ميمو خوشحالي مائيڪرو بئنڪ مان مون کي مليو جنهن بعد مان شاهدن کي ساڻ ڪري جوابدار ڊاڪٽر کيئور رام ۽ ڊاڪٽر صفدر علي شيخ سان مليس جن چيو ته ايف آءِ آر داخل نه ڪراءِ پئسا واپس ڏينداسيون جيڪي آسرا ڏيندا رهيا پر پئسا نه ڏنائون جن مون کي بوگس چيڪ ڏئي مون سان فراڊ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.