ٽنڊو مستي نيشنل هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ڪلٽيو کائي ڪري پئي

ٽنڊومستي ( ن ع آ ) ٽنڊومستي نيشنل ها۽ وي مين اسٽاپ تي روڊ ڪراس ڪندڙ ڪولاب جيئل واسي نوجوان سڪندر ابڙو کي تيز رفتار موٽر سائيڪل جو ٽڪر نتيجي ۾ موٽر سائيڪل روڊ تي ڪلٽيون کائيندي ڪري پئي جنھن سبب موٽر سائيڪل سوار زال مڙس الله بخش لانگو بروهي موٽرسائيڪل تي پويان ويٺل سندس زضيه زال الله بخش لانگو بروهي شديد زخمي ٿي پيا جڏھن ته روڊ ڪراس ڪندڙ سڪندر ابڙو به زخمي ٿي پيو حادثي واري جگهه تي موجود ماڻهن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ٽنڊومستي پوليس بروقت پهچي زخمين کي سول اسپتال خيرپور علاج لا۽ پهچايو جتي موٽر سائيڪل سوار مرد ۽ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار ڪراچي کان عيد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ملهائڻ لاءِ ضلعه جعفرآباد وڃي رهيا هئا ٻئي طرف ٽنڊومستي پوليس عيد خرچي لاءِ نيشنل ها۽ وي تان سکھر طرف ويندڙ سوزڪي کي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو ۽ ڊرائيور کي حادثي جي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد دير سان ڏيتي ليتي بعد ڇڏي ڏنو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.