پيرڳوٺ ۾ پوليس تي چڙهي بعد ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، احتجاج

پيرجوڳوٺ (رپورٽ : علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ جي ڪورٽ بار جي سامهون 20 ڏينهن اڳ سيپڪو جي لائين مينن هٿان نوجوان عبدالجبار جوڻيجو کي بجلي جي پول تي زبردستي چاڙهي بجليءَ جا ڪرنٽ ڏيئي قتل ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي مقتول جي گھر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سندس زال ذهني توازن وڃائي ويٺي آهي, نه ئي هن وقت تائين 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن تڪ جي چونڊيل نمائندي توڙي سرڪاري عملدارن مقتول جي وارثن ڏانهن لڙي آيا آهن ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن امڙ خانزادي پيءُ شمن علي جوڻيجو، عبدالستار ، وقار احمد جوڻيجو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪندي چيو آهي ته سيپڪو لائين مينن عبدالرزاق ،مستي لغاري ۽ ٻين اسان جي نوجوان کي زبردستي بجليءَ جي پول تي چاڙهي کيس ڪرنٽ ڏيئي قتل ڪيو جنهن جو لاش اڌ ڪلاڪ تائين بجليءَ جي پول تي ٽنگيل رهيو جيڪو عدالتي عملي بار جي وڪيلن سميت سوين ماڻهن منظر ڏٺو پر پيرجوڳوٺ پوليس اسان جي پٽ جي قاتلن کان وڏي رشوت وٺي قتل جو ڪيس داخل نه ڪيو ۽ پوليس اسان کي ڪيس داخل ڪرڻ جا خالي دلاسا ڏيندي رهي، ٻئي طرف جوڻيجا ايسوسيئيشن انٽر نيشنل جي چيئرمين ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو ،صدر بشير احمد جوڻيجو ،ارشد خان جوڻيجو، حبيب الله جوڻيجو پاران عبدالجبار جوڻيجو جي قاتلن تي ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي تحريجڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.